آمريڪي حڪومت پاران ۱۵۹.۲ ملين ڊالرس واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت ٺاھيل ۱۰٦ اسڪول هزارين ٻوڏ متاثر ٻارن کي معياري تعليم ڏيئڻ ۽ قدرتي آفتن کان بچاء جو سبب بڻيل بلڊنگس پاڪستاني عوام لاء ھڪ تحفو آھن


سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران خوشي جو اظهار

ڪراچي (مارچ 1، 2024) – پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير پاران ڪراچي جي دوري دوران سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزيرسيد سردار علي شاه ۽ سيڪريٽري سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ سان گڏ هزارين ٻارن کي جديد تعليم مهيا ڪرڻ واري پروگرام جي ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ شرڪت. ڊونلڊ بلوم ايس بي اي پي جي غيرمعمولي ڪاميابي کي ساراهيندي جديد تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۽ تعليمي سڌارن جو ڄار سموري پاڪستان ۾ پکيڙڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو.

آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار جي ڀائيواري سان سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEP) ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ جي خوشي ملهائي وئي، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي دمبهڳوٺ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اڄ هڪ شاندار تقريب ٿي گذري. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان ايس بي اي پي وسيلي سنڌ ۾ 106 اسڪول ٺهرائڻ لاءِ 15 ڪروڙ 92 لک ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جنهن جو مقصد سموري صوبي ۾ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ۽ تعليمي نظام جي صلاحيت وڌائڻ آهي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزيرسيد سردار علي شاه ۽ سيڪريٽري سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ايس بي اي پي جي انيڪ ڪاميابين کي اجاڳر ڪيو ويو. اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته “اعليٰ معياري بنيادي تعليم هر ٻار لاءِ ڪاميابي جي ڏاڪي وانگر آهي. اسان کي پختو اعتماد آهي ته هي پروگرام ڪنهن به ملڪ ۾ اسان جي پاران ڪيل بهترين سيڙپڪارين منجهان هڪ آهي. اچو! ته گڏجي تعليم تائين پهچ وڌايون، سکڻ جي عمل کي پنهنجي اوليتن ۾ شامل ڪريون ۽ تعليمي سڌارن جو ڄار سنڌ سوڌو سموري ملڪ تائين پکيڙيون، ته جيئن سمورا ٻار ترقي ۽ تعليم جي موقعن مان فائدو وٺي سگهن.”

سنڌ ۾ سال 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏن تعليم جي بنيادي ڍانچي کي تباه ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام جوڙيو ويو. هن پروگرام تحت ٻوڏ متاثرعلائقن ۾ هيل تائين 80 هزار کان وڌيڪ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي جديد ۽ ماحول دوست اسڪولن ۾ اعليٰ پايي جي تعليم تائين پهچ ڏني وئي آهي- جيڪي سڄي نسل کي 21هين صديءَ سان هم آهنگ ڪاميابين لاءِ گهربل مهارتون توڙي تعليم مهيا ڪن ٿا. اهي اسڪول نه رڳو 2022ع جي ٻوڏ دوران محفوط رهيا، پر ٻوڏ متاثر ڀرپاسي جي آبادين لاءِ محفوظ پناهگاهن طور خدمتون مهيا ڪيون ۽ والدين توڙي مقامي ماڻهن سان له وچڙ رکڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور به ڪم ڪيو آهي.

هن پروگرام اسڪولن جي اڏاوت کانسواءِ مقامي ماڻهن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ اسڪول جي انتظامن بابت جديد مثالي نمونا به متعارف ڪرايا، جڏهن ته ڪامياب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ راه هموارڪئي، جنهن کي هاڻ ٻين صوبن ۾ به منتقل ڪيو پيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں