محفوظ پاڻيَء جي سلسلي ۾ ڪي به ڪوتاهيون برداشت نه ٿا ڪري سگهون. مقامي سطح تي ذاتي صفائي کي ڪنهن به ريت نظرانداز ڪرڻ نه ٿو جڳائي، ٻي صورت ۾ بيمارين جو شڪار ٿيندا رهنداسين. شهر مان گندي پاڻيجو نيڪال ۽ صحت صفائي جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻو پوندو.


جيڪب آباد:رپورٽ ايم ڊي عمراڻي.
محفوظ پاڻيَء جي سلسلي ۾ ڪي به ڪوتاهيون برداشت نه ٿا ڪري سگهون. مقامي سطح تي ذاتي صفائي کي ڪنهن به ريت نظرانداز ڪرڻ نه ٿو جڳائي، ٻي صورت ۾ بيمارين جو شڪار ٿيندا رهنداسين. شهر مان گندي پاڻيجو نيڪال ۽ صحت صفائي جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ميونسپل ڪميٽيَ جيڪب آباد جي چيئرمين غلام عباسي خان جکراڻي يو ايس ايڊ ۽ هينڊز جي سهڪار سان گورنمينٽ حميديه هاِء اسڪول ۾ پاڻي امن آل جي موضوع تي منعقد ڪيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

ميونسپل سروسز ڊولپمينٽ سنڌ جي ڊي جي ورڪس محمد ساقيب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته محفوظ
پاڻي زندگيَء جي علامت آهي، سنڌ حڪومت يوايس ايڊ جي سهڪار سان جيڪب آباد جي شهرين کي پيئڻ جو صاف
پاڻي مهيا ڪرڻ جو وعدو پورو ڪري رھي آهي، شهرين جي ذميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين
ته کين ملندڙ سهوليت جاري رهي سگهي. چيف ايگزيڪيوٽو هينڊز_واش ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ مقبول احمد راهوَء چيو ته هينڊز سنڌ
حڪومت ۽ يوايس ايڊ جي سهڪار سان شهرين کي گهر۾ صاف پاڻي فراهم ڪري
رهي آهي. هينڊز ملڪي سطح تي صاف پاڻي جي استعمال بابت شعور پکيڙي رهي آهي.
شهيد بينظير ڀٽو ٽيڪنيڪل ۽ اسڪلس ڊولپمينٽ يونيورسٽيَء جي وائيس چانسيلر رسول بخش مهر چيو ته صاف
پاڻي هاڻي ٽين دنيا جي شهرين جو خواب بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ ماحولياتي صورتحال سبب پاڻي مان لڳندڙ بيماريون، دم جون بيماريون، خوراڪ جي کوٽ جون بيماريون عام ٿي رهيون آهن.مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر يو ايس پاڪستان سينٽ فار ايڊوانس اسٽڊيز واٽر ڪامران انصاريَء چيو ته ماحولياتي
تبديلين کي نظر۾ رکندي پنهنجي چوڌاري پاڻي ۽ نيڪال جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ماحولياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي
يوايس ايڊ جي واٽر گورنينس فار سنڌ ايڪٽوٽي بابت چيف آف پارٽي ڊاڪٽر حنا حسين ڪاظميَء
جو چوڻ ته پاليسي سڌارن کي ترتيب ڏئي، پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواريَء ھجڻ گھرجي تہ گھٽ گهٽ ڪرڻ ۽ ميونسپل جي خدمتن جي پراثر ڄاڻ ۽ شڪايت جي طريقي جي ذريعي عوامي اعتماد کي وڌائڻ ۾ مدد ملندييو ايس ايڊ جي ثاقب خان مهمانن جو ٿورو مڃيندي هاڪاري پيغام ڏيندي چيو ته اڄوڪي ڳالهه ٻولهه دوران شراڪت
داري جي حوالي سان اڄوڪي ڪانفرنس مثبت حل ڏانهن رستا ڪڍيا آهن ۽ شراڪت داري جي اهميت کي وڌيڪ
سگهه ملندي
هن موقعي تي اسڪول ٻارڙن پاڻي، نيڪال ۽ ذاتي صفائي بابت ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ پاڻي امن جي موضوع تي
مختلف پوسٽر ٺاهي پيش ڪيا، مختلف اسٽالن تي شاگردن پاڻي جي موضوع تي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء بينر
ٺاهيا. واٽر گورنينس جي اسڪولن جي شاگردن، اين جي اوز/ سي ايس اوز۽ پاڻي نيڪال ۽ صفائي بابت پروجيڪٽن
تي تحقيق ڪندڙ يونيورسٽين جي ذريعي ٻڌايل پاڻيَء بابت پروجيڪٽ ڏيکاريا ويا. ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد
۾شهرين،مردن، عورتن، ٻارن، معزز سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں