مڪلي قبرستان واري معاملي تي ٺٽي جي شھرين، واپاري تنظيمن، مذھبي اڳواڻن ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن جي ڊي سي آفيس ۾ ڊي سي غضنفر علي قادري جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو،


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)
مڪلي قبرستان واري معاملي تي ٺٽي جي شھرين، واپاري تنظيمن، مذھبي اڳواڻن ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن جي ڊي سي آفيس ۾ ڊي سي غضنفر علي قادري جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي خصوصي معاون ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن سيد غيور عباس شاھ ۽ سرفراز جتوئي پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مڪلي قبرستان ۾ ميت دفن ڪرڻ جي اجازت نہ ڏيڻ، مقامي ماڻھن تي ڪيس داخل ٿيڻ سميت مستقل بنيادن معاملو حل ڪرڻ تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايم پي اي رياض شاھ شيرازي ڳالھائيندي چيو تہ مڪلي قبرستان عالمي ورثو قرار ڏنل آھي

ان جو اسان کي پڻ خيال آھي جنھن جي حفاظت فرض سمجھون ٿا پر مقامي ماڻھن کي ميت دفن ڪرڻ جي اجازت نہ ڏيڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ شھرين سان ناانصافي آھي اسان جي ماڻھن جي ابن ڏاڏن جا قديمي قبرستان آھن، چاھيون ٿا مستقل بنيادن کي مسئلي کي حل ڪيو وڃي جنھن جي لاءِ صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر علي قادري چيو تہ مڪلي قبرستان تي قائم قبضا ختم ڪرايا ويندا، ٺٽي جا جيڪي مسئلا آھن انھن کي پنھنجو سمجھون ٿا مڪلي عالمي ورثو آھي تنھن کي بچايو ويندو ۽ شھرين جي مسئلن کي پڻ حل ڪرايو ويندو.

اجلاس ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم ادا محمد ميمڻ، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊوڪيٽ اعزاز شاھ، سياسي سماجي شخصيت سلطان ھاشماڻي، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، سياسي سماجي شخصيت حنيف صابوگر، ڊسٽرڪٽ تاجر اتحاد جي ڊاڪٽر ڪامران قريشي، خطيب شاھجھان جامع مسجد ٺٽو قاري


حافظ عبدالباسط صديقي، ضياءُ دايو، حامد مغل، مڪلي سوسائيٽي جي چيئرمين ڪامران غني ميمڻ، شعير قريشي ۽ ٻين چيو تہ تاريخي ورثي جي تحفظ سان گڏ اسان جو مڪلي قبرستان ۾ جيڪي بہ قبرون، قبا، رانڪون ۽ ٻيون تاريخي عمارتون جن کي يونيسڪو پاران قومي ۽ بين الاقوامي ورثو ڏنو ويو آھي


ان کي عام ماڻھن جي اچ وڃ کان محفوظ ڪرڻ لاءِ چئني طرفن کان لوھي جنگلو ڏئي ضروري مرمت ڪئي وڃي. ٺٽي جي مقامي ماڻھن جي صدين کان قائم قبرستان جيڪي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ٿيل آھن يا ناھن انھن کي رجسٽرڊ ڪري مقامي ماڻھن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن جڏھن تہ ميت دفن ڪرڻ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس ۾ ھڪڙي ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي جيڪا سفارشون جوڙيندي جيڪي يونيسڪو، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي اماڻي ويندي ۽ صوبائي وزير سردار شاھ سميت ٻين سان پڻ ملاقاتون مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ داخل ڪيس ختم پڻ ختم ڪيا ويندا. ان موقعي تي حاجي وسيم ٽڪاڻي، سيد جاويد شاھ، شھزاد شاھ، غلام حسين قريشي، ڀورو سرڪي، نورحسين سرڪي، پپو قاضي، صديق قمبراڻي، علي گوهر قمبراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
=================================

اپنا تبصرہ بھیجیں