لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينئر ڪيمرامين مرحوم مشتاق احمد جاگيراڻي جي پهرين ورسي ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي،


لاڙڪاڻو( محمد عاشق پٹھان) لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينئر ڪيمرامين مرحوم مشتاق احمد جاگيراڻي جي پهرين ورسي ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پريس ڪلب جي نائب صدر ڊاڪٽر بدر شيخ، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، خزانچي عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري يونس ڏيٿو، محمد عاشق پٺاڻ، منير سومرو، اياز ساريو، ياسين ابڙو، سلامت ابڙو، ظهير ابڙو، راجا مگسي، ادريس بلوچ، رشيد سمون، جاويد سولنگي، علي گراماڻي، ارسلان ڪنڀر، اڪبر هيسباڻي، شاھ محمد لاشاري، حفيظ منگي، نادر مائري، مسعود ابڙو، قادر گوپانگ، نصير محمد کهاوڙ، وسيم ٻرڙو، حميد ڀٽو، محسن گل پٺاڻ، ذيشان کوکر، علي گل ڏيٿو، محمد اسلم راجپوت، مشتاق احمد کهڙو، وقار ميمڻ، جاويد جنجهوٽه، غلام مصطفيٰ جهتيال، ظفر شاھ عرف شاھ جي ۽ ٻين صحافين فوٽو گرافرن، ڪيمرامينن ۽ ميڊيا ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مرحوم مشتاق احمد جاگيراڻي جي بلند درجات لاءِ خصوصي دعا گهري وئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي خزانچي عبدالقادر جاگيراڻي پنهنجي پٽ مشتاق احمد جاگيراڻي کي ياد ڪندي پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو، جنهن دوران صحافين، فوٽو گرافرن ۽ ڪيمرامينن کيس آٿت ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي صحافين چيو ته مشتاق احمد جاگيراڻي ننڍي عمر ۾ صحافتي لڏي ۾ شامل ٿي ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا، هن پنهنجي ڪيمرا جي اک جي ذريعي ڪيترن ئي مظلوم جي مسئلن کي ويڊيو رڪارڊنگ جي صورت ۾ قيد ڪري اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو، جنهن جي صحافتي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

اپنا تبصرہ بھیجیں