سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان قائم ڏهن سالن کان غير فعال مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن سيل کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو، سيد ناصر حسين شاهه

سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان قائم ڏهن سالن کان غير فعال مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن سيل کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو، سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي، 30 اپريل 2024: صوبائي رٿابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏهن سالن کان غير فعال ”مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن سيل“ کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي هي سيل فعال ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ فوري قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن چيئرمين جي هدايتن تي جلد کان جلد ڪم مڪمل ڪري سگهجي.صوبائي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان فعال ڪيو ويندو، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ پهرين مئي کان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سروي جو عمل شروع ڪندو، مان پاڻ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم احمد شاهه ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سروي ڪندس. منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ناصر شاهه وڌيڪ خبردار ڪندي چيو آهي ته مقرر وقت تي ڪم نه ڪرڻ وارن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف جاچ ڪئي ويندي. سنڌ صوبي جي ترقي ۾ ڪنهن کي به رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏني ويندي ۽ سالياني ترقياتي پروگرام جي سمورن منصوبن جي سخت نگراني ڪئي ويندي.
هينڊ آئوٽ نمبر… 250 ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں