سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته هو روزانو ٽنڊو الهيار جي ارڙي متاثر ڳوٺ چندو ميو جو دورو ڪري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ماپ اپ سرگرميون ڪيون وڃن

ڪراچي (28 اپريل 2019) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته هو روزانو ٽنڊو الهيار جي ارڙي متاثر ڳوٺ چندو ميو جو دورو ڪري ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ماپ اپ سرگرميون ڪيون وڃن. هن اهي هدايتون سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ کي جاري ڪيون، جنهن آچر ڏھاڙي ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ چندو ميو ۾ ارڙي جي مبينا موت جي ابتدائي رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي پيش ڪيل رپورٽ موجب سويلنس ٽيم فوري طور ڳوٺ جو دورو ڪيو. سمورن 4 مبينا ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي، رت جا نمونا گڏ ڪيا ويا، ڪيسز لائن لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا ۽ مريضن کي وڌيڪ انتظامن لاءِ لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو. سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ٻڌايو ته 26 اپريل 2024 تي سول اسپتال ٽنڊو الهيار کيس ارڙي جا 4 مبينا ڪيس رپورٽ ڪيا، جيڪي يو سي ڊانگانو بوزدار جي ڳوٺ لعل فقيري بهراڻي، ڳوٺ چندو ميو مان سامھون آيا. بدقسمتيءَ سان ڳوٺ ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ 5 ورهين جو عادل پٽ آصف، 6 ورهين جو عدنان پٽ اصغر ۽ 8 ورهين جو عاطف پٽ آصف شامل آهن، جڏهن ته اقبال ڪالوني لطيف آباد 12 حيدرآباد جي رهواسي اشرف جو پٽ 10 ورهين جو اشفاق/ اشو پڻ بيماري وگهي فوت ٿي ويا. 26 اپريل 2024 تي، هڪ ريپڊ رسپانس ٽيم جنهن ۾ هڪ ضلعي هيلٿ آفيسر، ڊي ايف پي (اي پي آءِ)، سرويلنس ٽيم، ٻارن جي بيماري جو ماھر، ايم او، ڊي ايس وي، ۽ ايريا ويڪسينيٽر تي ٻڌل ٽيم ارڙي جي چئن مبينا ڪيسن ۽ ٽن لاڳاپيل موتين جي تصديق ڪئي. موت جي ٽن ڪيسن جا تفصيل هن ريت آهن، 25 اپريل تي حيدرآباد جي اقبال ڪالوني لطيف آباد جي رهواسي 7 ورهين جي اقرا ولد اشرف پنهنجي گهر ۾ فوت ٿي وئي. والدين جو چوڻ هو ته ڇوڪري کي ارڙي جي ويڪسينيشن جا ٻه ڊوز لڳايا ويا هئا. 26 اپريل 2024 تي اشرف جو ٻيو ٻار 4 ورهين جو عاشق سندس ڳوٺ چندو ميو گھر ۾ فوت ٿي ويو. والدين موجب ٻارڙي کي ارڙيءَ جي ويڪسينيشن جا ٻه ڊوز پڻ لڳايا ويا ھئا. ساڳئي ڏينهن 26 اپريل تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ چندو ميو ۾ 3 ورهين جو ارمان پٽ يامين فوت ٿي ويو. والدين موجب کيس ارڙي جي ويڪسينيشن جا ٻه ڊوز پڻ ڏنا ويا. رپورٽ موجب ٽي ٻارڙا گهر ۾ ئي فوت ٿي ويا، جن کي اسپتال نه آندو ويو. لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ ارڙي جا 4 مبينا ڪيس ريفر ڪيا ويا جن ۾ 10 ورھين جو اشفاق/ اشو پٽ اشرف کي 26 اپريل 2024ع تي لياقت يونيورسٽي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ۽ باقي ٽي ٻار 27 اپريل تي طبي مشوري بنا (لاما طور) اسپتال ڇڏي ويا. ھڪ ٻار 6 ورهين جو عدنان پٽ اصغر 27 اپريل تي اسپتال کان ڳوٺ چندو ميو ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ 5 ٿي ويو. 8 ورهين جي مريض عاطف پٽ آصف کي ٻيهر سول اسپتال ٽنڊي الهيار ۾ داخل ڪيو ويو، ٻار جي حالت ٺيڪ نه هئڻ ڪري والدين ٻار کي لياقت يونيورسٽي اسپتال يا ڪنهن ٽرسٽي ڪيئر اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. جڏھن تھ والدين وڃڻ کان بيزار هئا، حيدرآباد ويا ۽ ٽنڊي الهيار ۾ علاج جاري رکيو. صلاح مشوري کانپوءِ ٻارڙي کي ريفر ڪري لياقت يونيورسٽي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ويجيلنس ٽيمن کي وڌيڪ فعال ڪري ۽ ڪيس اسٽڊي طور تي علائقي ڏانھن اماڻي وڃي تھ جيئن معائنو ڪيو وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي ضروري حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن. سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ارڙي جي سبب جي جاچ ڪئي وڃي جنهن ڪارڻ معصوم جانيون ضايع ٿيون.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں