غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پي اينڊ ڊي کاتي جي ملٽي سيڪٽرل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، ناصر حسين شاهه

تاريخ 03 مئي 2024
غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پي اينڊ ڊي کاتي جي ملٽي سيڪٽرل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، ناصر حسين شاهه
ڪراچي (): توانائي ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان منعقد ڪيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ جي سهڪار سان 2017ع ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ۽ ترقي کاتي پاران ملٽي سيڪٽرل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي. هن چيو ته ورڪشاپ جو موضوع اسان لاءِ نئون ناهي ڇوته اسان سڀني کي خبر آهي ته غذائي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ اسان اسٽنٽنگ ۽ غذائيت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ناصر شاهه چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سنڌ ۾ اسٽنٽنگ ۽ غذائي کوٽ کي گهٽائڻ جي ڪوششن کي سخت متاثر ڪيو ۽ صورتحال جي سنگيني ۽ بحران جي شدت کي نظر ۾ رکندي اسان کي جلد موجوده طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اميد آهي ته هي ورڪشاپ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي صورتحال بابت اسان جي سوچ ۾ اضافو ڪندو ۽ انشاءَ الله سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي تعاون سان اسان غذائي کوٽ جي شرح کي گهٽائي سگهنداسين. صوبائي وزير اهم ورڪشاپ ۾ سڀني کي ڀليڪار ڪندي صوبائي وزير پي اينڊ ڊي کاتي ۽ ورلڊ بينڪ جي ٽيمن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن پي اينڊ ڊي ٽيم خاص ڪري ٽاسڪ فورس سيڪريٽريٽ آف نيوٽريشن جي ڪوششن کي ساراهيو. آخر ۾ مان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو خاص ٿورائتو آهيان جو هن پنهنجي مصروف شيڊول مان وقت ڪڍي تقريب ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر انفارميشن / ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
صوبائي وزير توانائي، ترقي ۽ رٿابندي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں