ھڪ مهينو اڳ جھمپير شھر مان پراسرار نموني غائب ٿيل گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول جھمپير جو نائب قاصد مهر علي شاھ ڦر دوران بيدردي سان قتل، سندس لاش جھمپير ويجھو ڪوئلي جي پراڻي کاڻ جي کوھ مان ھٿ، 2 جوابدار گرفتار،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ھڪ مهينو اڳ جھمپير شھر مان پراسرار نموني غائب ٿيل گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول جھمپير جو نائب قاصد مهر علي شاھ ڦر دوران بيدردي سان قتل، سندس لاش جھمپير ويجھو ڪوئلي جي پراڻي کاڻ جي کوھ مان ھٿ، 2 جوابدار گرفتار، لاش کوھ مان ڪڍي ضروري ڪاروائي بعد وارث حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار جوابدارن ڦر بعد مھر علي شاھ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، پوليس سندن نشاندھي تي لاش کوھ مان ڪڍي ورتو، علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل. تفصيل موجب جھمپير شھر جي گرلس پرائمري اسڪول تي مقرر ٿيل سيد مھر علي شاھ ھڪ مھينو اڳ 21 ڊسمبر 2022 تي اوچتو پراسرار نموني جھمپير شھر مان گم ٿي ويو ھو، جنھن جي گمشدگي جي رپورٽ مقتولہ سيد مھر علي شاھ جي وارثن شير علي شاھ ۽ ديدار شاھ جي مدعيت تحت داخل ڪري ڳولا جاري ڪرڻ بعد جھمپير پوليس ٻن شڪي جوابدارن غلام نبي ولد غلام رسول چانگ ۽ نظر محمد ولد محمود چانگ کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو، جنھن بعد گرفتار جوابدارن پاران گم ٿيل نائب قاصد مھر علي شاھ کان 70/80 ھزار روپيہ ڪيش رقم ڦر ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري جھمپير ويجھو ولي بروھي ھوٽل ويجھو پراڻي ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽيل کوھ ۾ لاش اڇلائڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جنھن بعد پوليس گرفتار جوابدارن جي نشاندھي تي جاء واردات تي وارثن ۽ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏ پھچي لاش کوھ مان ڪڍرائي جھرڪ اسپتال پھچائي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جھمپير شھر جي پرامن خطي ۾ سونڊا جي رھواسي نائب قاصد سيد مھر علي شاھ کي ڪجھ پئسن جي رقم لاء اغوا ڪري پئسا ڦر ڪرڻ بعد کيس بيدردي سان قتل ڪري کوھ ۾ اڇلائڻ واري واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ واري لھر ڇانيل آھي، مقامي رھواسين اعليٰ اختيارين کان ھن معاملي جي بي ريا جانچ ڪرائي مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪرائي عوام کي تحفظ ڏيئي قاتل جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏين جي گھر ڪئي آھي. ٻئي طرف مقتول مهر علي شاھ جي ڀائيٽي شير علي شاھ چيو ته مقتول نائب قاصد مهر علي شاھ کي ڪجھ وقت اڳ جِي پِي فنڊ جا پئسا مليا هئا جيڪي وٽس موجود هئا، جيڪو جهمپير شھر ۾ رهندو هو، جوابدارن پئسن جي لالچ ۾ اسانجي چاچي کي اغوا ڪرڻ بعد پئسہ ڦر ڪري قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي. ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي بلڪل بلائينڊ قتل جو ڪيس هو ابتدائي طور تي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي نامعلوم ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن بابت هڪ خصوصي ٽيم جوڙي ٽيڪنيڪل طريقن سان جاچ شروع ڪندي مقتول جي فون کي مسلسل ٽريس ڪري جوابدارن تائين پوليس پهچي ويئي، جنھن کي وڏي ڪاميابي ملي جو ھنن گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪري ريسڪيو ذريعي کوھ مان لاش ڪڍيو ويو وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں