سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ ويمن والي بال جون 34 هين نيشنل گيمز ٽريننگ ڪيمپ منعقد، پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ نه آهي، موقعا ملڻ تي ملڪ جو نوجوان پاڻ مڃائي ٿو: پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ، وائيس چانسلر، سکر آئي بي اي يونيورسٽي

پريس رليز
سکر (پ ر): هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران 34 هين نيشنل گيمز جي وومين والي بال ٽيمن جي 34 هين نيشنل گيمز ٽريننگ ڪيمپ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ جاري آهي، جنهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد، پنجاب يونيورسٽي، لاهور ڪاليج فار ويمن يونيورسٽي، ۽ ڪراچي يونيورسٽي سميت ملڪ جي مختلف وومين والي بال ٽيمن حصو وٺي رهيا آهن. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ لڳايل ٻن هفتن واري تربيتي ڪيمپ ۾ ٽريننگ سيشنس جاري آهن.
سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ لڳايل ٽريننگ ڪيمپ ۾ وومين والي بال ٽيمن جي شاگردياڻين سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. وائيس چانسلر وومين والي بال ٽيمن جي رانديگرن کي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ ٽيم جي ڪاميابين تي مبارڪباد ڏيندي سندن حوصلا افزائي ڪئي. وائيس چانسلر کين چيو ته هو پنهنجين يونيورسٽين جي عزت ۽ ايمانداري سان نمائندگي ڪندي شاندار جدوجهد ڪن ۽ پنهنجي ادارن کي سرخرو ڪن. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ ناهي، موقعو ملڻ تي نوجوان پاڻ مڃائي ٿو. وائيس چانسلر سان ملاقات ۽ سندس حوصلہ افزائي وومينز والي بال ٽيم تي هڪ زبردست اثر ڇڏيو ۽ هڪ نئين عزم ۽ حوصلي کي جنم ڏنو.
فزيڪل ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر شاهزمان خان ٻڌايو ته ايڇ اي سي جون ٽيمون سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ لڳايل ٽريننگ ڪيمپ ۾ ٻن هفتن لاءِ موجود آهن، والي بال ٽريننگ ڪيمپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس مسٽر اسد جي سربراهي ۾ ٽيمون 14 کان 21 مئي 2023 تائين ڪوئيٽا ۾ 34 هين نيشنل گيمز ۾ حصو وٺنديون.
==========================

اپنا تبصرہ بھیجیں