ايس ايڇ او مڪلي اصغر علي شاھ ۽ پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج شوڪت علي درس شاھمراد ڪالوني مڪلي ۾ بدنام گٽڪا فروش حيدر پنھور جي گٽڪا فيڪٽري تي ڪامياب ڇاپو ھڻي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايس ايڇ او مڪلي اصغر علي شاھ ۽ پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج شوڪت علي درس شاھمراد ڪالوني مڪلي ۾ بدنام گٽڪا فروش حيدر پنھور جي گٽڪا فيڪٽري تي ڪامياب ڇاپو ھڻي ھڪ گٽڪا فروش منور ولد محمد عارب پنھور کي گرفتار ڪري گٽڪا فيڪٽري مان ھڪ مڪسينگ مشين، 2 ماوا گٽڪا پيڪينگ مشينون، 3 ڪلو پسيل چورو سوپاري، 2 ڪٽہ ريپر پني، 200 سئو پيڪٽ گٽڪا ماوا ھٿ ڪري گرفتار توڙي فرار ٿيل گٽڪا فروشن خلاف مڪلي ٿاڻي تي گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري فرار ٿيل گٽڪا فروشن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري ڪندي ايس ايڇ او مڪلي اصغر علي شاھ ۽ پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج شوڪت علي درس چيو تہ منشيات فروش توڙي ڏوھاري ڪيترا بہ بااثر ڇونہ ھجن پر ھو قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندا. سندن مڪمل خاتمي تائين سندن ڪاروايون جاري رھنديون.
===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں