عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان ضلع خيرپور ميرس جي ضلع ڪانفرنس اميرگل ڪٽوهر جي رهائشگاه تي خيرپور ميرس ۾ مرڪزي صدر ڪرم حسين وساڻ جي زير صدارت ٿي گذري


پريس پڌرائي
30 مارچ 2024
حيدرآباد/ خيرپور (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان ضلع خيرپور ميرس جي ضلع ڪانفرنس اميرگل ڪٽوهر جي رهائشگاه تي خيرپور ميرس ۾ مرڪزي صدر ڪرم حسين وساڻ جي زير صدارت ٿي گذري جنهن ۾ صدر انور سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظهر ڳاهو کي چونڊيو ويو ان موقعي تي اي جي پي اڳواڻ ڪرم حسين وساڻ، امير گل ڪٽوهر، ڪريم شر، درياخان شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي اغوا انڊسٽري بڻائي سنڌ جي امن امان ۽ معيشت کي هٿ سان تباه ڪيو پيو وڃي سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪري عوام کي سک سان جيئڻ ڏنو وڃي۔ هتي قتل، اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هتي ڪو به محفوظ ناهي۔
اڳواڻن چيو ته هٿرادو مهانگائي ڪري عوام کي ڪچليو پيو وڃي پنهنجن ٻچن لاءِ عيد لاءِ ڪجهه به نه وٺي سگهيا آهن۔
ڪلر ڀاڻ مهانگا ڏئي هاڻي ڪڻڪ گهٽ ريٽ تي ورتي پئي وڃي جيڪا هارين سان سراسر ناانصافي آهي
اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي ڄائي معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ته جيئن عوام سک جو ساه کڻي سگهي۔

پريس ترجمان
عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان مرڪز

اپنا تبصرہ بھیجیں