ڏهرڪي ۾ شادي شده عورت ڳلو ۽ نڪ ڪپي بيدردي سان قتل،… ڏهرڪي ۾ شادي شده عورت ڳلو ۽ نڪ ڪپي بيدردي سان قتل، مڙس گرفتار


ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي جي راجا ڪالوني مان شادي شده عورت بشيران شيخ جو نڪ ۽ ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو، پوليس لاش کڻي ڏهرڪي سول اسپتال پهچايو، جتي بشيران جي مڙس وزير شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته منظور شر، قدير ڏهر وارا مون کي ٽي ڏينهن اڳ ٻڌي کڻي ويا، اڄ ڇڏي ڏنو، گهر ۾ آيس زال جو لاش پيل هيو، هن چيو ته ٻه سال اڳ مان ۽ بشيران هندو مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪري شادي ڪئي هئي، هڪ سال اڳ منظور شر ۽ قدير ڏهر منهنجي گهر ۾ گهڙي منهنجي زال بشيران کي زوري زنا جي ڪوشش ڪئي هئي، اهڙو ڪيس به داخل ڪرايو بعد ۾ فيصلو ٿيو هيو، اهي فيصلي ۾ ڏوهي ٿيا هئا پر وري انهن بدلو ڪرڻ لاءِ مون کي اغوا ڪري منهنجي زال کي قتل ڪيو آھي، ڏهرڪي پوليس بشيران جي مڙس وزير کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو شڪي آھي ان ڪري هن جي مڙس کي تحويل ۾ ورتو آھي، جلد واقعي جا اصل ڪارڻ سامهون اچي ويندا، بشيران جو لاش ڏهرڪي پوليس کڻائي ڀرچونڊي ۾ تدفين ڪرائي ڇڏي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو.

==============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں