مڪلي شاه لطيف ڪالوني ۾ چانڊيا ۽ لغاري برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ چانڊيا برادري جا 5 کان وڌيڪ ماڻھون زخمي ٿي پيا آھن،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي شاه لطيف ڪالوني ۾ چانڊيا ۽ لغاري برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ چانڊيا برادري جا 5 کان وڌيڪ ماڻھون زخمي ٿي پيا آھن، جن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، زخمين ۾ معشوق چانڊيو، ڪاشف، آفتاب، شڪيل، صدام، حيدر علي، الھجڙيو چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن، جيڪي علاج ھيٺ آھن، پر اڃان تائين مڪلي پوليس حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي، جنھن ڪري ٻنھي ڌرين ۾ ڪشيدگي برقرار آھي، زخمي چانڊيا برادرين جي ماڻھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي تہ کين زخمي ڪندڙ لغاري برادري جي حملي آورن کي فورن گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
===================================

اپنا تبصرہ بھیجیں