ايازسومرو فائونڊيشن پارن اڳوڻي صوبائي وزير، ايم اين اي، ايم پي اي محمد ايازسومرو جي پنجين ورسي نجي مقامي هال ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل اڳوڻن، ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي وارثن توڙي سندس عقيدت رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،


لاڙڪاڻو: ايازسومرو فائونڊيشن پارن اڳوڻي صوبائي وزير، ايم اين اي، ايم پي اي محمد ايازسومرو جي پنجين ورسي نجي مقامي هال ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل اڳوڻن، ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي وارثن توڙي سندس عقيدت رکندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ايازسومرو ڪير سڏائي، هن ننڍپڻ کان وٺي هڪ جدوجهد وارو رستو اختيار ڪيو ۽ پارٽي ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو، سندس پارٽي اندر خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن، ورڪر ٿي پارٽي جي خدمت ڪيائين ، هن چيو ته محمد ايازسومرو غريبن کي وڏي پيماني تي نه رڳو نوڪريون ڏنيون پر لاڙڪاڻي اندر ڪيترائي مختلف ادارا ٺاهيا انهن جو بنياد وڌو، هن جيل ۽ سختيون سٺيون، کيس جدوجهد تي سلام پيش ڪجي ٿو. پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته مرحوم محمد ايازسومرو پارٽي اندر ڀرپور خدمت ڪئي، هن هميشه پنهنجي ڪارڪنن کي اهميت ڏني، اوليت ڏني، غريبن لاءِ سوچيندو رهندو هو، سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن، آئينده پيپلزپارٽي پاران سندس ورسي ملهائي ويندي، ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، اڳوڻو ڊي آءِ جي رياض سومرو، عرفان سومرو، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، محمد نواز همزا سومرو، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر رفيق ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪري مرحوم ايازسومرو کي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي ادا ڪئي ۽ مرحوم محمد ايازسومرو جي زندگيءَ تي ٺهيل يادگار ڊاڪيومينٽ ري پيش ڪئي وئي.
رپورٹ محمد عاشق پٹھان
=======================

اپنا تبصرہ بھیجیں