ڪراچي ۾ مبينا مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، هڪ پورهيت نوجوان به اجل جو شڪار

ڪراچي جي ڪورنگي ساڍا 5 نمبر ۾ عوامي ڪالوني پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلي دوران 2 جوابدار مارجي ويا، ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ پورهيت نوجوان به مارجي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هڪ عورت کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو

پوليس موجب ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ پوليس ۽ جوابدارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 جوابدار مارجي ويا، هڪ شهري زخمي ٿي پيو، زخمي شهري اسپتال ۾ دم ڏنو

مارجي ويل شهري ڪاشان پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ نواز ۽ سعد جي نالن سان ٿي آهي

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته پوليس زخمي ٿيل شهري ڪاشان کي اسپتال پهچائڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي، زخمي ڪاشان کي دير سان اسپتال پهچائڻ سبب سندس موت ٿيو

پنڪچر جي دڪان مالڪ عمران ٻڌايو ته نوجوان ڪاشان جو تعلق حيدرآباد سان آهي ۽ هو ٽن سالن کان سندس دڪان تي ڪم ڪندو هو

TAGStaza_tareen

اپنا تبصرہ بھیجیں