مڪلي ويجھو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي ڪراچي کان پئٽرول کڻي سجاول ويندِڙ ائل ٽينڪر روڊ ٽٽل ھجڻ سبب روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪر کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي ويجھو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي ڪراچي کان پئٽرول کڻي سجاول ويندِڙ ائل ٽينڪر روڊ ٽٽل ھجڻ سبب روڊ تي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪر کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪر ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي بہ ٻاھر نڪرڻ جي مھلت ملي نہ سگھي، جيڪي ٻئي ڄڻا سڙي ڪوئلو ٿي ويا، آئل ٽينڪر جا شعلا آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا جنھن ڪري ٽرئفڪ کي معطل ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ گاڏي بہ پھچي ويئي، جنھن 3 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باھ تي ڪنٽرول ڪيو، تيستائين آئل ٽينڪر بہ مڪمل سڙي رک ٿي ويو، فوتي ٻنھي شخصن جا لاش باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ بعد ڪڍي سول اسپتال مڪلي پھچايا ويا ، جن جي سڃاڻپ ٿي ناھي سگھي، ياد رھي تہ ٺٽو کان ڪراچي جيڪو قومي شاھراھ ڊبل جوڙيو ويو آھي، ان ۾ ٺيڪيدار پاران غلط مٽيرل استعمال ڪرڻ ڪري روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو آھي، جنھن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، پر انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھن، جنھن ڪري ھھڙا واقعا جنم وٺي رھيا آھن، رھواسين مطالبو ڪيو آھي تہ خستہ حال روڊ جي ٻنھي پاسن کان مرمت ڪرائي عوام سميت گاڏين کي ايندڙ امڪاني نقصان کان بچايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں