ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات واري کاتي پاران قوم جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پيغام امن ڪانفرنس جو اھتمام ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ 0 مئي اھو ڏينھن آھي جڏھن قوم کي تقسيم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي،

ڪراچي
9 مئي 2024
ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات واري کاتي پاران قوم جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پيغام امن ڪانفرنس جو اھتمام ڪيو ويو.
تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ 0 مئي اھو ڏينھن آھي جڏھن قوم کي تقسيم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي، ملڪ دشمن سدائين ھن وطن خلاف سازشون ڪندا رھندا آھن، سازش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ آخرڪار کين ھڪ شخص ملي ويو پوءِ سازش شروع ٿي، پاڪستاني قوم اتحاد ۽ يڪجھتي سان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ھن چيو تھ اسان جي ملڪ جو پھريون جمھوري چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 4 اپريل 1979 تي شھيد ڪيو ويو، ايتري عرصي بعد ھن سال عدالت معافي گھري ۽ چيو آھي تھ اسان غلط ڪيو ھو، اُن سانحي کانپوءِ ڪارڪنن پاڻ ساڙي رھيا ھُئا ۽ جيالن کي ڪوڙا ھنيا ويا تڏھن بھ ھُو جيئي ڀٽو جي نعرا لڳائيندا رھيا.
وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ جڏھن 1988 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي تھ شھيد بينظير ڀٽو وزير اعظم بڻي، تڏھن ماڻھن جو خيال ھو تھ محترمھ بينظير ڀٽو بدلو وٺندي ۽ مخالف پريشان ۽ ڊنل ھُئا، 7 جون 1989 تي آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪندي محترمھ بينظير ڀٽو چيو تھ جمھوريت ھڪ بھترين انتقام آھي.
ھن چيو تھ شھيد ڀٽو جي شھادت کانپوءِ محترمھ بينظير ڀٽو جمھوريت ھڪ بھترين انتقام آھي جو نعرو لڳايو، شھيد بينظير ڀٽو کي ملڪ دشمن دھشتگردن 27 ڊسمبر 2007 تي پوري قوم جي سامھون شھيد ڪيو ويو، 27 ڊسمبر 2007 واري ڏينھن پوريو ملڪ بيچيني ۾ ھو تھ صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي والدھ شھيد بينظير ڀٽو جا لفظ ورجايا تھ جمھوريت بھترين انتقام آھي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو تھ ھڪ پاسي ھي اڳواڻ آھن جيڪي قوم کي گڏ ڪرڻ جون ھدايتون ڪري رھيا آھن، ھي ھوندي آھي سياسي ۽ باشعور قيادت جيڪا ملڪ جي سلامتي جو سوچيندي آھي، ٻئي پاسي ھڪ شخص نفرتون وڌايون ۽ قوم کي ورھايو، 9 مئي جي واقعن جي پُٺيان ھڪ وڏي سازش ھُئي جنھن جي مذمت ڪريان ٿو.
ھن چيو تھ اسان سڀ ملڪ جي شھيدن جا وارث آھيون، جيستائين اسان زندھ آھيون ھن ملڪ کي ڪوبھ نقصان نھ پھچندو، گرفتاريون ٿينديون رھيون آھن، اسان جي قيادت، اڳواڻ، ڪارڪن بيگناھ گرفتار ٿيا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي بي قصور گرفتار ڪري شھيد ڪيو ويو، شھيد بينظير ڀٽو ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي ۽ آصف علي زرداري کي بھ گرفتار ڪيو ويو، محترمھ فريال ٽالپور ۽ شرجيل انعام ميمڻ کي ضمانت تي ھجڻ باوجود گرفتار ڪيو ويو، ملڪ کي نقصان پھچائڻ جي ڪڏھن ڳالھھنھ ڪئي پر احتجاج ضرور ڪيو ۽ ڪندا رھنداسين، پرامن احتجاج جمھوريت جو حصو آھي، پر ملڪ کي نقصان پھچائڻ غداري آھي.
مراد علي شاھھ چيو تھ 5 جولاءِ 1999 تي شھيد ڪيپٽن ڪرنل شير خان جام شھادت نوش ڪيو، 5 جولاءِ ھڪ سانحي جي طور تي بھ ياد ڪيو ويندو آھي، ھُن سياچن ۾ ٻھ ڊويزن ڀارتي فوج سان مقابلو ڪيو ۽ سمورن مخالفن کي ماريو ۽ اُن دوران پاڻ بھ شھيد ٿي ويو، انڊين ڪمانڊر بھ شھيد ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي بھادري کي مڃيو، مردان ۾ شھيد ڪيپٽن ڪرنل شير خان جو مجسمو شرپسندن مسخ ڪيو، ھي ڪم ڪرڻ وارو تھ ڏواھري آھي پر اُن سوچ کي پيدا ڪرڻ وارو سڀني کان وڏو قصور وار آھي جنھن کي سزا ملڻ گھرجي.
ھن چيو تھ دشمن سان گڏجي ملڪ کي تقسيم ڪرڻ واري سازش جي ڪابھ معافي ناھي، 9 مئي جي ڏينھن ڪراچي ۾ بھ وڳوڙي واقعا ٿيا، امن قائم ڪرڻ ۾ اسان جي ادارن ڀرپور ڪم ڪيو، آئون پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪرڻ وارن کي سلام پيش ڪريان ٿو.
تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ 9 مئي جو ڏينھن سنڌ سرڪار طرفان امن جي ڏينھن طور ملھايو پيو وڃي، اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تھ اسان پرامن ۽ امن سان محبت ڪرڻ واري قوم آھيون.
ھن چيو تھ گذريل سال اڄوڪي ڏينھن تي بدقسمتي سان ڪجھھ ڏڦيڙ پسندن ملڪ جو ڪلچر خراب ڪيو، اسان جي نوجوان نسل کي گمراھھ ڪيو ۽ اُنھن کي غلط دڳ تي لائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ کين اھڙي مقام تي پھچايو وڃي جتي ھُو ڏڦيڙ ۽ تشدد وارو دڳ اختيار ڪن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان جي قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ تشدد جي واٽ نھ ورتي، شھيد بي بي کي قتل ڪيو ويو، پر صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، والدھ جي شھادت باوجود نوجوان بلاول ڀٽو زرداري نعرو لڳايو تھ جمھوريت بھترين انتقام آھي.
ھن چيو تھ سوچيل سمجھيل سازش تحت نوجوان نسل کي انتشار ڦھلائڻ تي اتساھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 9 مئي تي پوري پاڪستان ۾ سوچيل سمجھيل سازش تحت وڳوڙ ڪرايا ويا، پاڪستان جي باني قائد اعظم جي گھر کي باھھ ڏني وئي، شھيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ڪراچي ۾ بسن کي باھھ ڏني وئي، خيبرپختونخواھھ ۾ ايمبولنسز کي ساڙيو ويو، تشدد جا اھڙو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين نھ ٿو ملي، 9 مئي تي جيڪو ڪجھھ ٿيو اھو ملڪ ۽ قوم ۽ نئين نسل جي بلڪل بھ صحيح نھ ھو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ لاھور ۾ عمران خان جي گرفتار وقت پنجاب پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، ڪيپيثل ھل آمريڪا ۾ اھڙين حرڪتون ڪندڙن کي 18 سال قيد جي سزا ملي تھ پوءِ ھتي رعايت ڇو ڏني وڃي؟ ڏوھھ جيلن ۾ بند اسان جي نوجوانن جو ناھي، سندن ذھن سازي ڪرڻ وارن جو آھي، آئون والدين کي چوندس تھ اُھي پنھنجن ٻارن کي ٻڌائن تھ ڪير سٺُو آھي ۽ ڪير برو آھي.
ھن چيو تھ ھن وقت سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽي جو ھڪ ئي پيغام آھي، اسان سڀ ھڪ آھيون، اسان سڀني کي پنھنجي ملڪ جي ھڪ ھڪ شئي جي حفاظت ڪرڻ گھرجي، اسان سڀني کي پنھنجي فورسز جي جوانن ۽ شھيدن جي عزت کي مٿانھون رکڻ گھرجي.
اُن موقعي تي شھيدن جي وارثن چيو تھ اسان قيدي نمبر 804 کي چئون ٿا تھ اچي معافي وٺي ۽ نئين سفر جو آغاز ڪريون تھ جيئن اسان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگھون. شھيدن جي وارثن چيو تھ شرجيل انعام ميمڻ جيڪو ڪجھھ چيو آھي اھو حرف حرف سچ آھي.
تقريب ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
تقريب ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاھھ، ضيا لنجار، حاجي علي حسن زرداري، سعيد غني، ذوالفقار شاھھ، سردار شاھھ، قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ، ڊپٽي ميئر سلمان مراد، صوبائي سيڪريٽريز، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪراچي پوليس جو سربراھھ خادم رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں