قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو آهي

نگران وفاقي ڪابينا قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ٿيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي

ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نٿا چاهيون ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين

پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي:قومي سلامتي ڪميٽي

پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، پر قومي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، قومي سلامتي ڪميٽي پاران ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ايئر فورس ۽ نيول چيف شرڪت ڪئي

نگران پرڏيهي وزير، گهرو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سوڌو انٽيليجنس ادارن جا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا، ذريعن موجب اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايراني سرزمين تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي

ذريعن موجب نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو، ايران کان واپس پهتل سفير پاران به ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي

TAGSbreaking_news

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں