واپڊا وارن جي نااهلي ۽ فائر برگيڊ نه پهچڻ ڪري اسان جي مزدا گاڏي ۽ لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.


لاڑکانوں رپورٹ محمد عاشق پٹھان: واپڊا وارن جي نااهلي ۽ فائر برگيڊ نه پهچڻ ڪري اسان جي مزدا گاڏي ۽ لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.جيئي لطيف گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني لاڙڪاڻو تان اسان جي مزدا 3500 گاڏي نمبر JX-7046 معمول موجب لوڊ ٿي رات 1:55 منٽن تي لاڙڪاڻو کان جيئن ئي ڏوڪري شهر جي کوکر محلي داخل ٿي ته روڊ ڪراس ڪرڻ دوران بجلي جي گذندڙ تارن مان باھ لڳڻ سبب سامان کي وڪوڙي وئي. گاڏي جي ڊرائيور زاهد جتوئي ۽ ڪلينر راهب سنديلو جي رڙين تي سوشل ورڪر ڪائونسلر حبيب الله کوکر ماڻهون وٺي. پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس به پهتي پر تيستائين مزدا گاڏي ۽ سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. ڏوڪري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ فائر برگيڊ نه هجڻ سبب لاڙڪاڻو مان گاڏي گهرائي وئي مگر فائر برگيڊ دير سان پهچڻ سبب لکين روپين جي ماليت جو سامان ۽ مزدا گاڏي سڙي رک ٿي ويا.

اپنا تبصرہ بھیجیں