ٺٽي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران وڏي ڪارروائي ڪري ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم مختلف ونڊ ملز ڪمپنين مان ڪروڙين روپين جي ماليت جون تارون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري وڪرو

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران وڏي ڪارروائي ڪري ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم مختلف ونڊ ملز ڪمپنين مان ڪروڙين روپين جي ماليت جون تارون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري وڪرو ڪندڙ گروھ کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ڏوھ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي ۽ وڪرو ڪيل بجلي جي تارن جي ڪيش رقم پڻ ھٿ ڪري ورتي آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي آفيس مڪلي ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي DSP جھرڪ قادر بخش خاصخيلي ۽ SHO جھرڪ سب انسپيڪٽر نيڪ محمد کوسو چيو تہ ڪوھستاني پٽي جھمپير، جنگشاھي، براد آباد ۽ ان جي آسپاس قائم ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين مان مختلف قسم جون قيمتي ٽامي واريون تارون توڙي ڄامشورو کان ڪراچي ويندڙ 11 لک وولٽيج واري بجلي جون تارون ڪٽيندڙ گروھ جي 3 مک جوابدارن جاويد ولد باڪر پالاري، مور ولد درياء خان عرف درو پالاري ۽ نادرخشال پالاري کي گرفتار ڪري کانئن شروعاتي مرحلي ۾ 15 لک روپيہ ڪيش ۽ ھڪ چوري ٿيل ڪرولا ڪار رڪور ڪري مٿن جهمپير ۽ مڪلي ٿاڻن تي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ سندن فرار ٿي ويل ساٿين جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو جاري ڪيو ويو آھي. ھنن چيو تہ ڏوھاري ڪيترا بہ بااثر ڇونہ ھجن، قانون کان بچي ڪونہ سگھندا، ھنن چيو تہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سندن ڪاروايون جاري آھن ھن وقت تائين وڏي تعداد ۾ ڏوھاري ۽ منشيات فروش قانون جي ڪٽھري ۾ پھچي ويا آھن، پر انھن جي مڪمل خاتمي تائين ضلعي جي پوليس جون ڪاروايون جاري رھنديون. ٻئي طرف ايس ايس پي ٺٽو پاران بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي کين تعريفي سندون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي.
===============

اپنا تبصرہ بھیجیں