شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟

شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد جي شادي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟


مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ثنا جاويد ۽ پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ ڇنڇر جي صبح سوشل ميڊيا تي پنهنجي شادي جو اعلان ڪيو.

جوڙي شادي جي تقريب جون ٻه تصويرون جاري ڪيون جن ۾ ڪرڪيٽر آف وائيٽ شيرواني پهريل جڏهن ته اداڪارا گولڊن رنگ جو لباس پهريل هو.

ثنا ۽ شعيب جي شادي جي خبر سندن مداحن سميت ڀارتي ۽ پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا پوسٽن تي جوڙي کي مبارڪن جو سلسلو جاري آهي.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں