پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، آصف زرداري صدر ۽ شهباز شريف وزيراعظم هوندو


حڪومت سازي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن

اسلام آباد ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پنهنجا انگ مڪمل ڪري ورتا آهن، شهباز شريف ٻنهي پارٽين جو متفقه اميدوار هوندو. آصف زرداري صدر لاءِ گڏيل اميدوار هوندو

بلاول ڀٽو زرداري چوڻ هو ته اسان جي دعا آهي ته ملڪ ڪامياب ٿئي، اسان جون مشڪلون پري ٿين، سڀني مسئلن جي حل ۾ الله سائين اسان جو ساٿ ڏئي، ملڪ لي پيش ايندڙ مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اسان نواز ليگ جو ساٿ ڏنو

انهيءَ موقعي تي شهباز شريف چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ پورا انگ موجود آهن، اسان نئين حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، آصف زرداري پنجن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويندو، ٻيا اتحادي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ گڏجي ووٽ ڏيندا

شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوار اڪثريت ثابت ڪري حڪومت ٺاهي، ان کي دل سان قبول ڪنداسين. تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪري ورتو آهي.پر ان جي باوجود انهن وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايترا انگ ناهن

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته مشاورت سان اڳتي وڌنداسين، ڀرپور سهڪار تي آصف زرداري ۽ بلاول جا ٿورائتا آهيون، هي واريون وٺڻ جو معاملو ناهي، اسان کي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻو آهي، اسان جي اتحاد ۾ بزرگ ۽ نوجوان آهن، جڏهن اهي ٻئي گڏ ٿين ته وڏي طاقت بڻجي سگهن ٿا

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ حڪومت سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ملاقات ۾ بلاول ڀٽو، شهباز شريف، اسحاق ڊار، مراد علي شاهه، قمر زمان ڪائره ۽ احسن اقبال به موجود هئا

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ خير جي دعا به ڪرائي وئي

TAGSbreaking_news

اپنا تبصرہ بھیجیں