ميهڙ ۾ پاڪ فوج جي جوانن مٿان مبينا فائرنگ، عرفان لغاري، قمبر لغاري سميت 200 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

ميھڙ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پاڪ فوج جي جوانن مٿان مبينا فائرنگ ۽ ھنگامي بعد حراست ۾ ورتل اين اي 227 تي چونڊيل پ پ اميدوار عرفان لغاري، سندس ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي عمران لغاري ۽ سندن چاچي سيتا ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين قمبر لغاري سميت 200 نامعلوم ماڻھن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ايف آءِ آر ۾ اين اي 227 تي چونڊيل عرفان لغاري، عمران لغاري ۽ سندن چاچي قمبر لغاري کي جوابدار ڄاڻايو ويو، ڪيس ۾ دھشتگردي ائڪٽ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار عرفان لغاري ، عمران لغاري ۽ قمبر لغاري سميت 200 جوابدارن پاڪ آرمي جي ڊگري ڪاليج واري ڪئمپ مٿان فائرنگ ڪري دھشتگردي ڪئي

عرفان لغاري ۽ سيتا ٽائون جو چيئرمين قمبر لغاري پوليس جي حراست ۾ اڻڄاتل ھنڌ منتقل، پ پ اڳواڻن جي گرفتاري ظاھر نه ڪئي وئي، ميھڙ ڊگري ڪاليج ٻاھران وڏي تعداد ۾ نفري مقرر، علائقي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں