آمريڪا ۽ برطانيا ۾ لکين ماڻهو مسنگ آهن، پاڪستان ۾ 820 ڄڻن جي گمشدگي تي ڊرامو پيو ٿئي: بلوچستان جو نگران وزير


آمريڪا ۽ برطانيا ۾ لکين ماڻهو مسنگ آهن، پاڪستان ۾ 820 ڄڻن جي گمشدگي تي ڊرامو پيو ٿئي: بلوچستان جو نگران وزير
بلوچستان جي سڌ سماءَ واري نگران وزير جان اچڪزئي مسنگ پرسن جي اشو کي ملڪ خلاف واويلا قرار ڏيندي چيو آهي ته هاڻ گم ٿيل ماڻهن بابت واويلا بند ٿيڻ گهرجي

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزير چيو ته آمريڪا ۾ 5 لک ۽ برطانيا ۾ هڪ لک 70 هزار شهري مسنگ آهن

هن چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 820 ماڻهو گم ٿيا آهن ته ٻڙڌڪ مچايو ويو آهي، مسنگ پرسن اشو کي پاڪستان خلاف واويلا طور استعمال ڪيو پيو وڃي

بلوچستان جي نگران وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي سموري ڊيٽا اسان وٽ اچي وئي آهي، هاڻ مسنگ پرسن جي نالي تي واويلا بند ٿيڻ گهرجي

============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں