ٺٽي ۾ آئي بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 526 پي ايس ٽي استادن کي مھينو گذرڻ باوجود جوائنگ نہ ملڻ خلاف اميدوار آفيسن جا ڌڪا کائي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ھڪ احتجاجي مظاھرو

ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) ٺٽي ۾ آئي بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري آفر آرڊر حاصل ڪندڙ 526 پي ايس ٽي استادن کي مھينو گذرڻ باوجود جوائنگ نہ ملڻ خلاف اميدوار آفيسن جا ڌڪا کائي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي م جوائنگ لاءِ دربدر ٿيندڙ اميدوارن عبدالجبار ڀنڀرو، صدام حسين خاصخيلي، منظور جاکرو، صفدر پليجو، احمد پليجو، معشوق عباسي، نور حسن جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ اسان آئي بي اي جي ٽيسٽ ذريعي پي ايس ٽي جي امتحان ۾ پاس ٿيا آھيون ۽ کين 8 آگسٽ تي آفر آرڊر ڏنا ويا، پر کين اڃان تائين جوائنگ نٿي ڏني وڃي، جيڪو ساڻن سراسر ظلم آھي. ھنن چيو تہ جوائنگ آرڊر حاصل ڪرڻ لاءِ ھر روز آفيسن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون پر رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن، ھنن گھر ڪئي تہ کين جوائنگ ڏيئي ھن مھنگائي جي دور ۾ پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
=====================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں