امڪاني برسات جي سلسلي ۾ عملي کي فعال رهڻ جي هدايت – سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران ايمرجنسي جو اعلان

سمورن روڊ پوائنٽس تي سينٽري ورڪرن کي مقرر ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙڻ جون هدايتون
صوبائي وزير پاران برساتن جي پاڻي ۽ نيڪال بابت شڪايتن کي جلد حل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
ڪراچي (): سنڌ جي مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ برسات جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي لاڳو ڪري اسٽاف کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيد نجم شاهه، ايم ڊي سولڊ ويسٽ سيد امتياز شاهه، واٽر بورڊ جا عملدار سيد صلاح الدين، اسد الله، ڪي ايم سي ۽ سمورن ڊي ايم سيز جا ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير لاڳاپيل ادارن کي نالن جي صفائي ۽ مين هولز کي ڍڪڻ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سموري مشينري ۽ عملو ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. ان موقعي تي اي سي ايس سيد نجم شاهه چيو ته ضروري قدمن جهڙوڪ پاڻي نيڪال ڪرڻ واري پمپن ۽ ٻين مشينري، مين هولز کي ڍڪڻ ڏيڻ بابت جلد انتظام ڪرڻ ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايم ڊي سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سيد امتياز شاهه مڪاني ادارن واري وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ 1128 ۽ واٽس ايپ نمبر تي مليل شڪايتن کي جلد حل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. اسٽاف کي ٽن شفٽن ۾ مقرر ڪيو ويندو. چائنيز ڪمپنين، مقامي ٺيڪيدارن ۽ سالڊ ويسٽ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سمورو عملو ۽ مشينري کي تيار رکن، کين ٽيمون جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڻي نيڪال جو ڪم وقت سِر مڪمل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڻي جي نيڪال لاءِ سينٽري ورڪرز جي گروپ جي صورت ۾ صفائي ڪرڻ بدران هر پوائنٽ تي 2 کان 3 سينٽري ورڪرز مقرر ڪيا ويندا ته جيئن سمورن پوائنٽن تي اسٽاف مقرر هجي. هن وڌيڪ چيو ته چوڪ پوائنٽس کولڻ لاءِ ٽيمون پڻ مقرر ڪيون وينديون ۽ سالڊ ويسٽ آفيسر لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪندا. سمورا آفيسر ۽ ٺيڪيدار ۽ آپريشنز اسٽاف مسلسل رابطي ۾ هوندا ان کان علاوه انچارج ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اينڊ شڪايت سينٽر ۾ گند ڪچري ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال بابت شڪايتن کي جلد لاڳاپيل عملدارن ڏانهن اماڻيو ويندو ته جيئن انهن شڪايتن جو وقت سِر ازالو ڪيو وڃي. هن چيو ته شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن ضلعن ۾ شڪايتي سيل قائم ڪيا ويندا جڏهن ته شهرين جي شڪايتن ۽ انهن جي حل لاءِ هيڊ آفيس جو هيلپ لائن نمبر 1128، واٽس اپ نمبر 03181030851 ۽ شڪايت ايپ (ايس ايس ڊبليو ايم بي شڪايت مرڪز ڪراچي) فعال هوندا.
محمد شبيهه صديقي

اپنا تبصرہ بھیجیں