پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 سکر چيپٽر جو شاندار ٻيون ڏينهن، معلوماتي سيشنز، ادبي ويهڪن ۽ موسيقي سان پڄاڻي تي پهتو، سنڌي ادب ۽ آرٽ، سنڌ ۾ اردو جي تاريخ، سنڌ ۾ بنيادي تعليم، سنڌ جي زرعي اڪانومي ۽ هاري تحريڪون، ميڊيا ۾ نوان لاڙا، سکر صدين کان، موهن جو دڙو جي کوٽائي جا سئو سال، تهذيب هافي، علي زريون ۽ عاصم اظهر جا انٽرويوز، مختلف ڪتابن جي مهورت، سکر سميت سڄي سنڌ مان فيمليز ۽ نوجوانن جي شرڪت

سکر (پ ر): سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ جاري ٻن ڏينهن واري پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 شاندارن علمي، ادبي ۽ تفريحي ويهڪن، معلوماتي سيشنسز ۽ موسيقي سان پڄاڻي تي پهتو. پاڪستان ادبي فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن معلوماتي سيشنز، ادبي ويهڪن ۽ موسيقي جي محفل سجائي وئي. ٻئي ۽ آخري ڏينهن سنڌي ادب ۽ آرٽ، سنڌ ۾ اردو جي تاريخ، سنڌ ۾ بنيادي تعليم، سنڌ جي زرعي اڪانومي ۽ هاري تحريڪون، ميڊيا ۾ نوان لاڙا، سکر صدين کان، موهن جو دڙو جي کوٽائي جا سئو سال، گڏوگڏ تهذيب هافي، علي زريون ۽ عاصم اظهر جا انٽرويوز سميت مختلف ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي.

ٻن ڏينهن واري پاڪستان لٽريچر فيسٽيول ۾ تعليمي ماهرصدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاه، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر ، ڊاڪٽر بدرالدين، ڊاڪٽر ادل سومرو، زبيده بيرواني، طارق قريشي، اسحاق سميجو، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽر ضياءَالحسن، اختر درگاهي، ڊاڪٽر انعام نديم، صادقه صلاه الدين، ڪبير قاضي، نثار کوکر، جنيد سمون، امتياز حسين ڦلپوٽو، شازيه نظاماڻي، محمود نوازشاه، غلام قاسم جسڪاڻي، مصطفيٰ ننگراج، ڊاڪٽر جعفر احمد، غازي صلاح الدين، سهيل وڙائچ، مظهر عباس، وسعت الله خان، عاصمه شيرازي، شاهذيب جيلاني، فضل الله قريشي، ڊاڪٽر مستور بخاري، ڊاڪٽر وقاص مهر، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر تهمينه منگڻ، ڊاڪٽر فضل الاهي، ڊاڪٽر عرفان رند، ياسر حسين، تهذيب حافي، نازش جهانگير، علي زريون، عاصم اظهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن ايڪسپريمينٽس ان سنڌي لٽريچر جي عنوان هيٺ پهريون سيشن ٿيو

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سهڪار سان منعقد پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن ايڪسپريمينٽس ان سنڌي لٽريچر جي عنوان هيٺ سيشن منعقد ٿيو، ان سيشن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، زبيده برواني ۽ ڊاڪٽر طارق قريشي خيالن جو اطهار ڪيو، جڏهن ته ميزباني جو فرض ممتاز بخاري ادا ڪيو. ڊاڪٽر ادل سومرو چيو ته ادب جو واسطو به زندگي سان آهي، ڇو ته وقت سان گڏوگڏ اسان جي ادب ۾ به تبديليون اينديون رهنديون آهن. حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جهڙي شاعري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به نه ڪئي آهي، سنڌي لٽريچر تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪلاسيڪل ۽ سياسي فليور سان گڏوگڏ روايتي ۽ تنقيدي تجربا به ڪيا پيا وڃن. زبيده برواني چيو ته 21 هين صدي جو ادب تمام گهڻو اڳتي وڌي رهيو آهي، مون ناول کي ڊرامي ۾ تبديل ڪيو، حالانڪه منهنجو پروفيشن صوفي هيو، پر جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته رستو ٺهندو ويو، جڏهن مون لٽريچر تي تجربو ڪيو ته ماڻهو چوندا هئا، هن ڪڏهن ڪهاڻي نه لکي ناول ڪيئن لکندو، اسان وٽ اهڙا ادارا نه آهن جتي سنڌي ادب تي ڳالهه ٿي سگهي، اڄ جي نوجوان کي کپي ته هو سنڌ جي تاريخ پڙهن. وڏين جنگين ۾ جهڙي طرح اسان جي شاعر اديب پنهنجي شاعري ۽ ادب وسيلي جهڙي طرح صورتحال بيان ڪيو، پڙهڻ جي قابل آهي. طارق قريشي چيو آهي ته اڄ جو نوجوان ادب ۾ وڏي دلچسپي وٺي ٿو، ناول ۾ ممتاز بخاري جو تجربو ڏاڍو سٺو رهيو آهي. اسان جي نوجوان نسل کي ڪتاب پڙهڻ کپن ته جيئن معاشري ۾ تبديلي اچي.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جو ٻيو سيشن اردو ان سنڌ فرام سوشل آن ورڊس بابت هيو

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيوسٽي سکر جي تعاون سان ٻن ڏينهن واري فيسٽيول ۾ اردو ان سنڌ فرام آن ورڊس موضوع تي ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽي ضياءَالحسن، اختر درگاهي، ۽ ڊاڪٽر نجيبه عارف خيالن جو اظهار ڪيو. سيشن ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي شاعرن، سنڌي، سرائڪي، ريخته ۽ اردو ٻولين ۾ زبردست شاعري ڪئي آهي. سچل سرمست هڪ صوفي شاعر هيو، سندن شاعري ۾ تصوف جو اثر واضع آهي. هن چيو ته ڪو به شاعر ان زبان ۾ شاعري نه ٿو ڪري سگهي جيسيتائين کيس ان ٻولي ۾ عبور حاصل نه هجي. نامور شآعره ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته برصغير ۾ اردو شاعري جي روايت قديم آهي ۽ سچل سرمست کان اڳ به هتي جي شاعرن اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. هن چيو ته مرثيي سان به اردو شاعري کي پروان ملي آهي. ڊاڪٽر نجيبه عارف گفتگو ڪندي ٻڌايو ته سڀني ٻولين کي اهميت حاصل آهي،اسان جي ملڪ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون اها اسان ڪمزوري نه پر طاقت آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادب سان لڳاءَ نه آهي، اسان پنهنجي تاريخ کي وساريندا ٿا وڃون. اختر درگاهي چيو ته سنڌ اردو ٻولي جي پيداوار جو پهريون نقطو آهي، امير خسرو، بابا فريد ۽ سچل سرمست سنڌ جا تمام وڏا شاعر هئا، مير حيدر به پنهنجي شاعري ذريعي الڳ مقام ٺاهيو.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 جي سکر چيپٽر جي آخري ڏينهن سنڌ ۾ بنيادي تعليم بابت هڪ سيشن ٿيو

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي ٽئين ڏينهن سنڌ ۾ بنيادي تعليم بابت سيشن ۾ ڪبير قاضي، جنيد سمون، امتياز حسين ڦلپوٽو ۽ صادقه صلاح الدين خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ميزباني جا فرض شآزيه نظاماڻي انجام ڏنا. صادقه صلاح الدين چيو ته تعليمي ادارن ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري ڇوڪرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو، اسڪولن جو معيار صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ جتي ڪو ايجوڪيشن آهي اتي في ميل ٽيچرز رکيون آهن، امتيا ڦلپوٽو چيو ته سنڌ ۾ تمام وڌيڪ اسڪول ته ٺاهيا ويا آهن پر عملي طور انهن تي ڪم نه ٿيو آهي، سنڌ حڪومت کي استادن جون پگهارون وڌائڻ کپن. ڪبير قاضي چيو ته اسان جي بجٽ جا ٻه حصا ٿيندا آهن، هڪ حصو پگهارن ۾ خرچ ٿئي ٿو، جنهن سان نان سيلري وارو طبقو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته جديد تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، معاشرتي روين جي ڪري نياڻين جي تعليم متاثر ٿئي ٿي.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏينهن هڪ سيشن سنڌ جي زراعت ۽ هاري تحريڪ جي حوالي سان منعقد ٿي

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعاون سان پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي زراعت ۽ هاري تحريڪ سان لاڳاپيل هڪ سيشن سنڌ ايگريڪلچر اڪانومي سنڌ هاري تحريڪ جي حوالي سان هڪ سيشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ محمود نواز شاه گفتگو ڪئي ۽ ميزباني ڊاڪٽر جعفر احمد ڪئي. سيشن ۾ چيو ويو ته زراعت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، زراعت ملڪ جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽ سيڪٽر آهي، جيڪڏهن پاڻ پنهنجو قبلو درست ڪريون ته ملڪ ۾ موجود ذخيرن مان ترقي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته سٺي زراعت لاءِ سسٽم جي صرورت آهي، ايگريڪلچر انٽر ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن شعبو ترقي ڪري.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏينهن سياسي شخصيت سيد خورشيد احمد شاه سان به رهاڻ رچائي وئي، هر پارٽي کي آزادانه طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي آزادي هجڻ گهرجي: سيد خورشيد احمد شاه

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعاون سان پاڪستان لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ سياسي شخصيت سان رکيل نشست ۾ اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاه مهمان هيو، جنهن جو ميزبان مظهر عباس هيو. ان سيشن ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد شاه چيو ته ڪنهن هڪ پارٽي کي سائيڊ ڪري چونڊون ڪرايون ويون ته ڪو به نه مڃندو پر سٺائي جي اميد رکڻ گهرجي. گذريل 16 مهينن جي حڪومت ڪرڻ ۾ اسان جو مقصد اهو هيو ته پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ وقت تي چونڊون ٿين نه ته 16 مهينن ۾ وڏو ڪم نه ٿو ٿي سگهي. پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن دوران اطمينان بخش ڪم ڪيا آهن. انهن خيالن جو اظهار آچر واري ڏينهن پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي هڪ سيشن ۾ خورشيد شاه سان هڪ نشست ۾ ڪيا ويا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترائي ٻار تعليمي ادارن کان ٻاهر آهن، نياڻين جي تعليم تي توجه ڏيڻ گهرجي، ته جيئن جهالت جي خاتمي ۾ ماءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته جمهوريت جي استحقام لاءِ تعليم تي توجه ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته 35 سالن کان سياست ۾ آهيان، ڳوٺن ۾ ووٽ وجهڻ جو شرع وڌيڪ آهي. هن چيو ته روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏنو آهي جيڪڏهن پورو نه ڪيون ها ته ختم ٿي وڃي ها. سياستدان ۽ عام ماڻهو ۾ اهو فرق آهي ته سياستدان عوام کي جوابده هوندو آهي، جيڪڏهن ڪم نه ڪندو ته عوام کين مسترد ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته سنڌ جي عوام جو جمهوري وين سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ پختو آهي، باقي عوام جو فيصلو حتمي هوندو آهي. هن ڇيو ته جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن سليڪشن ۾ تبديل ٿيو ته معاشي حالتون نه سڌرنديون. هن چيو ته ميڊيا 40 سال وارن کان حساب نه ٿو وٺي سياستدانن کان حساب گهري ٿو.
محفل موسيقي ۾ عاصم اظهر، سيف سميجو، وهاب بگٽي، سائونڊ آف ڪولاچي، اي سي ايم اي دي بينڊ، فقير الله رکيو کوکر، جهانذيب شاه گزري، ارسلان شيخ ۽ ٻِن موسيقارن فن جو مظاهرو ڪيو.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏينهن ميڊيا ۾ نون لاڙن بابت هڪ سيشن منعقد ٿيو

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏينهن ميڊيا ۾ نون لاڙن بابت هڪ سيشن منعقد ٿيو جنهن ۾ غآزي صلاح الدين، سهيل وڙائچ، مظهر عباس، وسعت الله خان ۽ فاضل جميلي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته شاه ذيب جيلاني ميزباني جا فرض انجام ڏنا. ان موقعي تي سهيل وڙائچ چيو ته ميڊيا وٽ هٿيار نه آهن، اسان گولين ۽ تلوارن سان نٿا وڙهون، اسان قلم جي طاقت سان وڙهندا آهيون. دنيا جي صحافت ۽ پاڪستان جي صحافت ۾ فرق آهي، اتي جا صحافي پڙهندا آهن، ريسرچ ڪندا آهن، هنن کي حقيقي خبر ۽ منفي خبر جي فرق جو خبر آهي، اسان وٽ صحافي پڙهي نٿو. مظهر عباس چيو ته صحافين سان گڏ چئلينجزنه هوندا ته صحافت ختم ٿي ويندي هنن وٽ ڪجهه نه بچندو.

اختتامي خطاب
اختتامي خطاب ۾ صدر آرٽس ڪونسل محمد احمد شاهه چيو ته آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪريچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي گڏيل تعاون سان 2 ڏينهن وارو پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 سکر چئمبر علم ۽ ادب، سنڌ جي ثقافت تاريخ و تحقيق تي حاصل گفتگو تي اختتام پذير ٿيو. فيسٽيول ۾ نامور اديبن، شاعرن، فنڪارن، يونيورسٽيز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سکر جي عوام لاءِ جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اختتامي تقرير ۾ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪميل حيدر شاهه، وائيس چاسنلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڊاڪٽر آصف شيخ، سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري، سينيئر اداڪار مصطفيٰ قريشي، صحافي سهيل وڙائچ، غازي صلاح الدين، ڊاڪٽر جعفر احمد، ڊاڪٽر ادل سومرو، فضل الله قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميزباني عما مير ڪئي هئي.

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن سکر آءِ بي اي يونيوسٽي، اروڙ يونيورسٽي، بي اين بي يونيورسٽي سميت ٻين تعليمي ادارن ۽ سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي سميت ڀرپاسي جي فيمليز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سکر آءِ بي اي يونيوسٽي ۾ ٿيل شاندار پاڪستان لٽريچر فيسٽيول زبردست تفريح، علم ۽ خوبصورت يادن سان پڄاڻي تي پهتو.
============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں