ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بحران، روزگار ۽ وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اعلانيل تحريڪ جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينھن تي قومي عوامي تحريڪ يونٽ ٻھارا طرفان ھڪ احتجاجي ريلي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بحران، روزگار ۽ وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اعلانيل تحريڪ جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينھن تي قومي عوامي تحريڪ يونٽ ٻھارا طرفان ھڪ احتجاجي ريلي ٻاٻڙا ھوٽل کان مين گيٽ تائين قومي عوامي تحريڪ يونٽ ٻھارا جي صدر جاويد پليجو، ٺٽي ضلعي جي سينيئر نائب صدر حبيب الله پليجو، ضلعي اڳوان علي محمد ھولاڻي، تعلقي ڪيٽي بندر جي صدر شفيع محمد ميمڻ، يونٽ ساڪرو جي اڳواڻ مرتضا لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪري مطالبن جي مڃتا لاء شديد نعريبازي ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي اندر روزانو 2 ھزار ميگا واٽ بجلي ٺھي ٿي پر ضلعي ٺٽي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سنگين بحران برقرار آھي تہ ٻئي طرف ڪينجھر ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ ھوندي بہ ٺٽي ۽ مڪلي شھرن ۾ پاڻي جو ڏڪار برقرار آھي، ونڊ ملز ۽ ٻين صنعتي تجارتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بجاء بيروزگار ڪري غير مقامين کي ڀرتي ڪري مقامي ماڻھن جي حق تلفي ڪئي پئي وڃي، ھنن ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ضلعي ٺٽي جي عوام کي درپيش سمورا بنيادي مسئلا حل ڪري عوام کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي غفور سومرو، نواز ھولاڻي، مقبول خليفو، ڪامريڊ صديق پليجو، احمد شاھ، مٺن پليجو،سهراب خان بلوچ، جميل لاشاري منظور لاشاري، سراج پليجو، صوفي يوسف سنڌي سميت پارٽي ڪارڪن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ موجود ھئا.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں