ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ھڪ نوجوان پوليس پاران گرفتاري جي ڊپ کان پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪِرڻ سبب فوت، وارثن جو پوليس تي نوجوان کي ٻوڙي مارڻ جو الزام، وارثن پاران لاش مين قومي شاهراھ تي رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري انصاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي،


ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ھڪ نوجوان پوليس پاران گرفتاري جي ڊپ کان پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪِرڻ سبب فوت، وارثن جو پوليس تي نوجوان کي ٻوڙي مارڻ جو الزام، وارثن پاران لاش مين قومي شاهراھ تي رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري انصاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، خبر موجب گذريل رات دير سان ٺٽو پوليس ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي خوني تلاء ڀرسان ڇاپو ھڻي ھڪ منشيات فروش نوجوان زوهيب ولد الهبچايو سمون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ نوجوان فرار ٿيندي ئي ايڌي سينٽر ٺٽو ڀرسان گٽر جي وڏي تلاءُ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو، جنھن جو لاش اڄ سندس وارثن ھٿ ڪري لاش کڻائي پھريان ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ ۽ بعد ۾ مڪلي باء پاس تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن پوليس تي الزام ھڻندي چيو تہ پوليس اھلڪارن سندن نوجوان کي ڊوڙائي ڊوڙائي پاڻي ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو اھي، ھنن چيو تہ اسان ٺٽي ٿاڻي تي بہ نوجوان جي گم ٿيڻ بعد ويا ھئاسين، پر پوليس ان جي باري ۾ ڪجھ بہ نہ ٻڌايو. ھنن چيو تہ سندن نوجوان جي موت جا ذميوار ٺٽو پوليس جا اھلڪار اھن. ھنن گھر ڪئي تہ سندن نوجوان جي موت جي ذميوار پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رھندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو تہ ٺٽو پوليس گذريل رات دير سان منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي هئي تہ فوت ٿيل نوجوان جيڪو آئيس جو موالي ۽ منشيات فروش ھو، پوليس کي ڏسي ڀڄي ويو ۽ خوني تلاءُ ڀرسان بيٺل پاڻي ۾ ڪِري ويو جيڪو اُتي ئي فوت ٿيو آھي، ھن چيو تہ آء فوتي نوجوان جي وارثن کي خاطري ٿو ڪرائيان ته معاملي جي جاچ ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جيڪڏھن پوليس تي الزام ثابت ٿيو ته ضرور انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
====================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں