ڪوئلي مان لڪوڊ گئس ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جي حوالي سان صوبائي سطح تي پاليسي جو مسودو تيار ڪيو ويندو، اهڙو فيصلو توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

ڪراچي: 21 مارچ 2024: ٿر جي ڪوئلي مان LIQUID (GAS) ۽ (REA) ڀاڻ جي پيداوار جي حوالي سان صوبائي سطح تي پاليسي ۽ مسودو تيار ڪيو ويندو. اهڙو فيصلو توانائي، ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي جي اعليٰ سطحي اجلاس جيڪو توانائي کاتي جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين ترقيات، منصوبابندي سنڌ نجم احمد شاهه، سيڪريٽري انرجي ڊپارٽمينٽ مصدق احمد خان، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪول اٿارٽي حق نواز شر، ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر فريد اي ملڪ، ڊپٽي ڊائريڪٽر آصف منگي ۽ عمير علي قائمخاني پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏکڻ آفريڪا جي جديد ليبارٽري ڏانهن موڪليل ٿر جي ڪوئلي جي نمونن جي ٽيسٽ جي نتيجي ۾ صلاحڪار نئين رپورٽ پيش ڪئي جنهن موجب ٿر جي ڪوئلي کي ڏکڻ آفريڪا جي انٽرنيشنل ليبارٽري ۾ گئس ٺاهڻ لاءِ بهترين قرار ڏنو ويو آهي. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪوئلي مان گئس جي پيداوار سان ملڪ کي هر سال 500 ملين ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿي سگهي ٿي. گيس امپورٽ جي حوالي سان جيڪڏهن اسان ٿر جي 175 بلين ٽن ڪوئلي جي ذخيرن مان انرجي سسٽم ٺاهيون ته انرجي امپورٽ بل ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آڻي سگهون ٿا جڏهن ته گرين ڪول ٽيڪنالاجي سان آلودگي کان به بچي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ پراڻي گيس کي فائر لاءِ استعمال ڪرڻ نقصانڪار قرار ڏنو ويو، جڏهن ته توانائي وارو وزير سنڌ ڪول گيس جي حوالي سان توانائي واري وفاقي وزير سان ذاتي طور تي رابطو ڪندو.
هينڊ آئوٽ نمبر… 169 ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں