جي ايس ايم يو سيمينار، فارماسسٽ جي عالمي ڏينهن تي تربيت يافته فارماسسٽن جي کوٽ کي دور ڪرڻ جو عزم

اسان کي اولهندي ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ وڌندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ فارميسي گريجوئيٽ تيار ڪرڻ گهرجن، وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج

پروفيسر هما علي دوائن جي محفوظ ۽ اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائڻ ۾ فارماسسٽ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو، پينل بحث ۾ فارما انڊسٽري جي ماهرن جي شرڪت

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل سائنسز (IPS) پاران فارماسسٽ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ”فارماسسٽ: هڪ صحت مند دنيا جي تعمير“ جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ فارماسسٽ، فيڪلٽي، شاگردن ۽ ٻين صحت جي سارسنڀال جي ماهرن شرڪت ڪئي ته جيئن صحت جي نظام ۾ فارماسسٽ جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ۽ سڄي دنيا ۾ فارماسسٽن جي کوٽ بابت خدشن کي دور ڪيو وڃي، جيڪا پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ خاص ڪري گھڻي آهي. سيمينار جي شروعات IPS جي پرنسپال پروفيسر هما علي جي استقبالي تقرير سان ٿي، پروفيسر هما علي دوائن جي محفوظ ۽ اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائڻ ۾ فارماسسٽ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته فارماسسٽن کي فارماسيوٽيڪل سائنس جي جديد ترقيات کان آگاهه رکڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ وچ اوڀر جا ملڪ ماهر فارماسسٽن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، هي قلت صحت جي نظام لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ عالمي سطح تي فارميسي جي شعبي ۾ پاڪستاني فارماسسٽن جي موجودگي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي اولهندي ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ وڌندڙ موقعن لاءِ فارميسي گريجوئيٽ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميڊيڪل اسٽورن تي تربيت يافته فارماسسٽن جي نه هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان ھن مسئلي جي سنگيني تي زور ڏنو. فارماسيوٽيڪل ڪيمسٽري شعبي جي هيڊ ۽ اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر پروفيسر ڪرن رفيق تقريب جي بنيادي مقصدن تي روشني وڌي ۽ آئي پي ايس جي وائيس پرنسپال پروفيسر هما شريف فارماسسٽ جي عالمي ڏيهاڙي جي تاريخي پس منظر تي روشني وڌي. ان موقعي تي شاگردن لاءِ بزنس ڊولپمينٽ بابت ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي هڪ خانگي دوا ساز ڪمپني جي بزنس مئنيجر ڊاڪٽر محمد طاهر عدنان ڪئي، تقريب دوران، شاگردن کي پينل بحثن ۾ حصو وٺڻ ۽ صنعت جي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو، اڳوڻي شاگردن کي مهمان اسپيڪر طور مدعو ڪيو ويو ته اهي پنهنجا تجربا شيئر ڪن ۽ نوجوان فارماسسٽن کي متاثر ڪن. تقريب جي پڄاڻي ايوارڊ ورهائڻ سان ٿي، ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر سعديه اڪرم تقريب جي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ياد رهي ته فارماسسٽ جو عالمي ڏينهن هر سال 25 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي ته جيئن اسان جي صحت جي نظام ۾ فارماسسٽ جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو وڃي.

===============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں