مڪلي قبرستان کي ورلڊ ھيريٽج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بعد انتظاميہ پاران مقامي ماڻھن کي پنھنجي پيارن جا لاش مڪلي قبرستان ۾ نہ دفنائڻ ڏيڻ توڙي سندن رستا بند ڪرڻ بعد ٺٽو ۽ مڪلي واسين پاران اھڙي عمل تي سخت ڪاوڙ جو اظھار …..


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي قبرستان کي ورلڊ ھيريٽج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بعد انتظاميہ پاران مقامي ماڻھن کي پنھنجي پيارن جا لاش مڪلي قبرستان ۾ نہ دفنائڻ ڏيڻ توڙي سندن رستا بند ڪرڻ بعد ٺٽو ۽ مڪلي واسين پاران اھڙي عمل تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چونڊيل نمائندن، پ پ پ اڳواڻن، مقرر ڪيل وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪارن سميت سياحت ۽ ثقافت جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ سان ملاقاتون ڪري کين پيش ايندڙ خدشن کان اگاھ ڪرڻ بعد مڪلي قبرستان واري مامري تي سرڪاري سطح تي ھڪ ڪميٽي جوڙي ويئي اھي، جنھن جو ڪنوينر ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ۽ ميوزيم، جڏھن تہ ميمبرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو، ڪلچر مڪلي نيڪرو پوليس ٺٽو، SHO مڪلي، مولوي عبدالباسط صديقي پيش امام شاھجھان مسجد ٺٽو، سيد طالب شاھ صدر شيعا علماء ڪائونسل ضلعو ٺٽو، حاجي وسيم اختر، ضياء الدين دايو، حامد مغل، محمد صديق قمبراڻي، عبدالعزيز پکيئڙو شامل آھن، جن جو نوٽيفڪيشن پڻ منظور احمد ڪناسرو ڊائريڪٽر جنرل ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سائمہ صديقي پاران جاري ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف جوڙيل ڪميٽي جي اڳواڻن چيو تہ جلد اجلاس گھرائي اھم فيصلا ڪيا ويندا، ياد رھي تہ مڪلي قبرستان ۾ مقامي ماڻھن جي لاشن کي دفن تي لڳل پابندي توڙي سندن رستا بند ٿيڻ بعد مقامي رھواسين پاران وڏي وزير جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي، وڏي وزير جي معاون خاص ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي سميت سياحت ۽ ثقافت جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ سان ملاقاتون ڪري کين پنھنجا مسئلا ۽ خدشا پيش ڪري لڳل پابندي تي عمل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ھئي، جنھن جي گڏجاڻين بعد اھا ڪميٽي جوڙي ويئي اھي، جيڪا سموري مسئلي جو جائزو وٺي ان معاملي کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي، ٻئي طرف ٺٽو ۽ مڪلي جي رھواسين جو چوڻ اھي تہ مڪلي وڏو قبرستان اھي، جنھن کي ورلڊ ھيٽريج لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو اھي، اھو بھتر عمل آھي، پر سندن قبرستانن کي مخصوص ڪري ڏنو وڃي، جيئن ھو پنھنجن پيارن کي پنھنجي قبرستانن ۾ دفن ڪري سگھن. ھنن سندن بند ٿيل رستا پڻ کولڻ جو مطالبو ڪيو.
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں