) مڪلي قبرستان ۾ ميت تدفين تي پابندي خلاف قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جو ھنگامي اجلاس آثارِ قديمہ جي ڪيوريٽر ظھير احمد جوکيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) مڪلي قبرستان ۾ ميت تدفين تي پابندي خلاف قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جو ھنگامي اجلاس آثارِ قديمہ جي ڪيوريٽر ظھير احمد جوکيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ ضياء الدين دايو، مفتي عبدالباسط صديقيءَ، عبدالعزيز پکيئڙو، حاجي وسيم اختر ٽڪاڻي، حامد مغل، علي رضا ماڻڪاڻي، علي گوهر قمبراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ متفقه راءِ سان ناريجا ڳوٺ مڪلي کان درگاه شاہ پريون، مڪلي گرڊ اسٽيشن کان درگاه عبدالله شاه اصحابي ۽ درگاه شاه مراد شاھ شيرازي کان مائي مڪلي تائين رستن جي منظوري ڏيڻ سميت درگاه عبدالله شاه اصحابي جي زائرين لاء بند ٿيل گيٽ کولڻ جي منظوري ڏيڻ سان گڏ ساڳئي ڪاميٽي جي ميمبرن کي ڊسٽرڪٽ ٺٽي جي تمام آثارن لاء ڪميٽي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن جو جلد سرڪار پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته شاھجھان مسجد ٺٽو جي ڪم ڪار ۽ بھتري لاء پڻ ڪميٽي پاران ڪيوريٽر ظھير احمد جوکيو کي تجويزون ڏنيون ويون، جنھن تي ھن ڪميٽي جي ميمبرن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان سڀ گڏجي پنھنجي آثارن کي بحال ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
===================

اپنا تبصرہ بھیجیں