لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن طرفان سکر ۾ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين ڊومڪي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻو( رپورٹ محمد عاشق پٹھان) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن طرفان سکر ۾ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين ڊومڪي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحفيظ ابڙو، ڊاڪٽر شاهه جهان سيال، ڊاڪٽر سليم رضا کهاوڙ، ڊاڪٽر عزيز کوسو، ڊاڪٽر باسط، ڊاڪٽر حفيظ لغاري، ڊاڪٽر ارسلان، ڊاڪٽر صدام رند، ڊاڪٽر واجد راڄپر ۽ ٻين چيو ته گذريل اڱاري جي رات دير سان نامعلوم شرپسندن سکر ملٽري روڊ تي رهائش پذير بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين ڊومڪي جي گهر تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن واقعي کي 2 ڏينهن گذري ويا آهن پر سکر پوليس شرپسندن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪرائي پئي وڃي جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽر امداد حسين ڊومڪي جي گهر تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ملوث شرپسندن کي گرفتار ڪري ڊاڪٽر امداد حسين ڊومڪي کي فيملي سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں