پيپلز پارٽيءَ سڀني سياسي جماعتن وچ ۾ ميثاقِ ٽرٿُ اينڊ ري ڪنسيليشن جي تجويز ڏيندي وفاقي حڪومت کان نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نئين اين ايف سي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ 18 هين ترميم جي تحت 17 وفاقي وزارتن کي ختم ڪري صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻو: رپورٹ محمد عاشق پٹھان پيپلز پارٽيءَ سڀني سياسي جماعتن وچ ۾ ميثاقِ ٽرٿُ اينڊ ري ڪنسيليشن جي تجويز ڏيندي وفاقي حڪومت کان نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ نئين اين ايف سي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ 18 هين ترميم جي تحت 17 وفاقي وزارتن کي ختم ڪري صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جمعي ڏينهن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پي پي پي اڳواڻ خيرمحمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو ۽ شڪيل ميمڻ سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نثار کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٽرٿُ اينڊ ري ڪنسيليشن ڪئي وڃي جنهن تحت سڀني سياسي جماعتن کي سچ ڳالهائي پوءِ اڳي هلڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي جماعتون پاڻ وچ ۾ گلا ۽ شڪوه ڪن ۽ پوءِ جمهوريت جي مضبوطيءَ ۽ پاڪستان کي بحران مان ڪڍڻ سميت ملڪي ترقي لاءِ سوچين. هن چيو ته 18 هين ترميم تحت صوبن کي جيڪا مڪمل خودمختياري ملڻي هئي اها اڃان تائين مڪمل طور نه ڏني وئي آهي نه ئي 17 وفاقي وزارتن کي ختم ڪري صوبن حوالي ڪيو ويو آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته مڪمل صوبائي خودمختياري ڏئي 17 وفاقي وزارتن کي ختم ڪري صوبن جي حوالي ڪيون وڃن ان عمل سان وفاقي خزاني تان 300 ارب روپين جو بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته نئون اين ايف سي ايوارڊ 2025ع ۾ ڏنو وڃي ۽ نئين اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته آئيني طور تي اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر گهٽائي نه ٿو سگهجي ۽ اسين اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي کي گهٽائڻ جي خلاف آهيون، جيڪڏهن وفاق کي خرچ پورا ڪرڻا آهن ته صوبن جو حصو گهٽائڻ بدران ايف بي آر جي ذريعي ٽئڪسن جي اوڳاڙي کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته اين ايف سي ۾ صوبن جي 57 سيڪڙو حصي مان سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ 24 سيڪڙو حصو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جو جلسو 14 اپريل تي منجهند 3 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ٿيندو ۽ موسم جي صورتحال طوفاني هجي يا نه جلسو هر حال ۾ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي طوفانن کان نه ٿي گهٻرائي ۽ اسين طوفانن ۾ به جلسو ڪيو آهي ان لاءِ هاڻي به جلسو ڪنداسين. هن چيو ته عوام جي ليڊر شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي ۽ اِهو سمجهيو ويو ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي پر پارٽي وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته عدالت شهيد ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏيڻ جو فيصلو ڏئي تسليم ڪيو آهي ته شهيد ڀٽو جي سزا ناجائز هئي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پريا ڪماري جو ڪيس 2 اڍائي سال پراڻو آهي ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ته هي واقعو ڪيئن ٿيو آهي؟ پريا ڪماري اغوا بابت ڪيس جي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، پريا ڪماري واري ڪيس ۾ وقت ضرور لڳو آهي پر ان جي رپورٽ ضرور ايندي. هن چيو ته نگران حڪومت ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي ڪيس کي به صحيح هينڊل نه ڪيو ان ڪيس بابت به پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت پوليس کي جاچ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ ته ڪور ڪمانڊر تي به حملو ٿيو ۽ سانحه نشتر پارڪ سميت سانحه 18 آڪٽوبر جا واقعا ٿيا جن واقعن ۾ سوين جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته نگران حڪومت جي 8 مهينن جي دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي ان دوران سنڌ جي نگران حڪومت امن امان جي بحاليءَ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا پر هاڻي پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۾ تبديليون ڪيون آهن ۽ سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته بدامني تي ضابطو هڪ ڏينهن ۾ نه ٿو اچي سگهي ان لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻيون پونديون آهن جيڪي جاري آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ ڪراچي ۾ امن امان جون حالتون تمام خراب هيون جنهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ رينجرز کي اختيار ڏئي آپريشن ڪرايو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ بدامني کي روڪڻ لاءِ رينجرز کي به ڪافي وقت لڳو، مشرف دور ۾ ته ڪراچيءَ مان روزانو ٻوري بند لاش ملندا هئا. هن چيو ته پوليس کي ڏوهارين خلاف ڪاروائيءَ جا سمورا اختيار حاصل آهن ۽ رينجرز به پوليس جي مدد لاءِ موجود هوندي آهي. هن چيو ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي هٿيار ڪيئن پهچندا آهن ان تي به نظر رکڻ گهرجي، امن امان جي قيام لاءِ نيت جي ضرورت آهي جنهن تحت ڀرپور ڪوششون ۽ ڪاروائيون ٿيڻ گهرجن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته خوف ۽ حراس جي صورتحال مان عوام کي ڪڍون. نثار کهڙو چيو ته آءِ ايم ايف کي تڏهن سٺو سمجهنداسين جڏهن عوام کي رليف ملندو. سنڌ ڪابينا ۾ واڌ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18 هين ترميم جي تحت صوبن ۾ 18 وزير ۽ 5 صلاحڪارن کان وڌيڪ وزير ۽ صلاحڪار نه ٿا ٿي سگهن ۽ ڪابينا ۾ جنهن کاتي جو وزير ناهي هوندو اهو کاتو وزيراعليٰ وٽ هوندو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت ڪابينا کان بغير ناهي، سنڌ ڪابينا ننڍي هجي يا وڏي هجي ان بابت ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي سادي اڪثريت نه ملي تنهن ڪري اسان وفاقي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پ پ پ وزارتن به نه ورتيون.

اپنا تبصرہ بھیجیں