سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن لاءِ شاندار هاءِ اچيورس ايوارڊ تقريب منعقد، اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي خصوصي شرڪت، ڪميونٽي ڪاليجز ۽ اسڪولز جي بهترين ڪرڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ استادن ۾ ايوارڊ ۽ ڪيش پرائيز ڏنا ويا،

پبلڪ رليشنس آفيس
سکر آءِ بي اي يونيورسٽي

پريس رليز
سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن لاءِ شاندار هاءِ اچيورس ايوارڊ تقريب منعقد، اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي خصوصي شرڪت، ڪميونٽي ڪاليجز ۽ اسڪولز جي بهترين ڪرڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ استادن ۾ ايوارڊ ۽ ڪيش پرائيز ڏنا ويا، سنڌي ايسوسيئيشن فار نارٿ آمريڪا جي صدر مقبول احمد هاليپوٽو ۽ سانا جي المنائي خصوصي شرڪت ڪئي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ پاران ايوارڊ کٽيندڙ استادن کي داد، تعليم جي ميدان ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جون خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، عورتن جو معيشت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ کانسواءِ ملڪ طرقي نٿو ڪري سگهي، اڌ آبادي کي پاسيرو ڪري ترقي ڪرڻ ممڪن نه آهي، خطي ۾ شاگردياڻين جي تعليم لاءِ خصوصي طور سکر ۾ وومين يونيورسٽي کولرائي آهي، آءِ بي اي جي مدد سان ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، ٻن ڪمرن ۽ ٻن استادن وارن اسڪولن سان قوم ترقي نه ڪندي، پرائمري ليول تي تعليم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جو نوجوان تعليم مڪمل ڪري منزل تي پهچي ڪري سياست ۾ اچي، سياست ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي ضرورت آهي، سيد خورشيد احمد شاهه جو خطاب، هن تقريب جو مقصد استادن جي محنت ۽ عزم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي، استادن جي محنت کي مڃتا ملڻ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعليمي خوبين کي فروغ ڏيڻ واري عزم جو ثبوت آهي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ
سکر (پ ر): سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ڊائريڪوٽوريٽ آف ڪميونٽي ڪاليجز ۽ اسڪولز پاران اي ليول، او ليول ڪيمبرج ۽ آغا خان بورڊز ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 67 شاگردن لاءِ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ 28 آگسٽ 2023ع تي مين آڊيٽوريم هال ۾ هڪ شاندار هاءِ اچيورز ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي. آءِ بي اي سکر جي ڪميونٽي ڪاليجز ۽ اسڪولز جي امتحان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ايوارڊز ۽ ڪيش پرائيز ورهايا ويا، جڏهن ته سندن استادن کي به ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه خصوصي شرڪت ڪئي، ۽ انعام ورهايا. اڳوڻي وفاقي وزير پاران نمايان نمبر کڻندڙ شاگردن لاءِ 10 لک روپين جو انعام پڻ ڏنو ويو. ايوارڊ تقريب ۾ سنڌي ايسوسيئيشن فار نارٿ آمريڪا (سانا) جي صدر مقبول احمد هاليپوٽو ۽ سانا جي المنائي خصوصي شرڪت ڪئي ۽ نميان نمبر کڻندڙ ٻارن کي همٿايو ۽ کين داد ڏني. سيد خورشيد شاه تقريب کي خطزب ڪندي چيو ته تعليم جي ميدان ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جون خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، شاگردن جي محنت تي کين شاباس ڏيان ٿو. هن چيو ته سڌريل ملڪن جي ترقي ۾ عورت جو وڏ ڪردار آهي، عورتن جو معيشت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ کانسواءِ ملڪ طرقي نٿو ڪري سگهي، اڌ آبادي کي پاسيرو ڪري ترقي ڪرڻ ممڪن نه آهي. سيد خورشيد احمد شاه چيو ته خطي ۾ شاگردياڻين جي تعليم لاءِ خصوصي طور سکر ۾ وومين يونيورسٽي کولرائي آهي، جڏهن ته آءِ بي اي جي مدد سان ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٻن ڪمرن ۽ ٻن استادن وارن اسڪولن سان قوم ترقي نه ڪندي، پرائمري ليول تي تعليم تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد خورشيد شاه چيو ته اڄ جو نوجوان تعليم مڪمل منزل تي پهچي پوءِ سياست ۾ اچي، سياست ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي ضرورت آهي. ان وقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ نمايان نمبر کڻندڙ شاگرند ۽ شاگردياڻين کي مبارڪ باد ۽ داد ڏني. وائيس چانسلر چيو ته هن تقريب جو مقصد شاگردن، شاگردياڻين ۽ سندن استادن جي محنت ۽ عزم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته استادن جي محنت کي مڃتا ملڻ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي تعليمي خوبين کي فروغ ڏيڻ واري عزم جو ثبوت آهي. تقريب ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاهه پنهنجي خطاب ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ساراهيو ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاران ڪميونٽي سروس تي روشني وڌي ۽ شاگردن جي محنت ۽ استادن جي لگن ۽ جديد تدريسي طريقن ذريعي مستقبل کي ترتيب ڏيڻ واري اهم ڪردار تي زور ڏنو. ايوارڊ تقريب ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نور محمد شر، هيڊ آف دي دپارٽمينٽس، ڊائريڪٽرز۽ شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۽ تعليمي ادارن سان تعلق رکندڙ معزز مهمانن شرڪت ڪري تقريب کي وڌيڪ نرالو ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ته هو پنهنجي علم جي حصول کي جاري رکن. هاءِ اچيورز ايوارڊ تقريب سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ڪاميابيءَ جي روايت کي فروغ ڏيڻ ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪوششون وٺندڙن جي محنت کي مڃتا ڏيڻ جو ثبوت آهي.
سکر
آگسٽ 28، 2023
===============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں