پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي طرفان موجوده حڪومت جي عوام دشمن پاليسين توڙي ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف……..

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي طرفان موجوده حڪومت جي عوام دشمن پاليسين توڙي ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي خلاف ٺٽي شھر ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ، امين الله موسي خيل، MNA عطاء الله، MPA شاھنواز، MPA ملڪ شھزاد اعواڻ، ڊاڪٽر سرور سيال، اعجاز سواتي، PTI ضلعي ٺٽي جي صدر رئيس ارسلان خان بروھي ۽ ھوش محمد عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي حليم عادل شيخ ۽ ٻين چيو تہ موجوده حڪومت جي حڪمرانن جي غلط پاليسين ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري مھنگائي حد کان وڌيڪ وڌڻ ڪري غريب ماڻھون ماني ڳڀي لاء سخت پريشان آھي، ھنن چيو تہ ڪڻڪ جو ھٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو آھي، اسان عوام کي مھنگائي مان نجات ڏيارڻ ۽ آئين کي بچائڻ لاء نڪتا آھيون، ھنن چيو تہ برائي جي جڙ ئي مريم نواز شريف آھي، جيڪا پنھنجي پيء کي پنھنجي ملڪ ۾ گھرائي نٿي سگھي، ويتر ويٺي ٻين تي اجائي تنقيد ڪري، جڏھن تہ عمران خان پنھنجي ملڪ ۾ ئي موجود آھي. ھنن چيو موجودہ حڪمرانن ملڪ کي ڪنگال بنائي عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ ضلعي شاھ کي سوچيل سمجھيل سازش تحت گرفتار ڪري ان کي تشدد جو نشانو بنائي قتل ڪيو ويو آھي، جنھن عمل جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ھنن چيو تہ مھنگائي خلاف سندن احتجاج جاري رھندو، ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عام واھپي جي شين جا اگھ گھٽ ڪري غريب ماڻھن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں