شينهن جو شڪار بيٽ سان نه پر تير سان ٿيندو آهي: بلاول

بهاولپور: پ پ چيئرمين بلاو ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته شڪار جي موسم آهي ۽ اسان کي شينهن جو شڪار ڪرائڻو آهي، شينهن جو شڪار بيٽ سان نه پر تير سان ٿيندو آهي

بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول چيو ته غريب عوام کي 50 لک گهر ٺهرائي ڏينداسين

ان کان اڳ ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي

هن چيو ته ماڻهن کي گهرجي ته چونڊ مهم شروع ڪن، خواهش آهي ته اسان رڳو عوام جا لاڏلا بڻجون، 8 فيبروري تي سرپرائيز ڏينداسين، بلاول جي ملتان جي دوري دوران نون ليگ جو سينيٽر راڻا محمود الحسن، راڻا اقبال سراج ۽ راڻا طاهر شبير پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويا

=============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں