سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد پاران سنڌ جي کاھوڙي ڪردار برک اديب ترجمي نگار ۽ سينيئر صحافي سڪندر بختيار کوسو جي چوٿين ورسي ضلعي ڪائونسل ھال ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري امداد قاضي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنهن ۾ رحيم بخش جعفري مک مھمان ھو

جيڪب آباد:ررپورٽ ايم ڊي عمراڻي.سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد پاران سنڌ جي کاھوڙي ڪردار برک اديب ترجمي نگار ۽ سينيئر صحافي سڪندر بختيار کوسو جي چوٿين ورسي ضلعي ڪائونسل ھال ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري امداد قاضي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنهن ۾ رحيم بخش جعفري مک مھمان ھو جڏهن ته پ ٽ الف جو اڳوڻو مرڪزي صدر انتظار ڇلگري ۽ سماجي ڀلائي واري کاتي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سڪندر بختيار کوسو جي وني ذھرا کوسو اعزازي مھمان ھئا ورسي جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي سيڪريٽري گل مستوئي ھلائي ۽ شاهه جو بيت پرفيسر الطاف گوھر پڙھيو صدارتي خطاب ڪندي ڪميونسٽ اڳواڻ امداد قاضي جو چوڻ ھو ته پاڪستان ھن وقت رياستي بحران کي منهن ڏئي رھيو آهي جنهن جو بنيادي سبب اھو آهي ته ڪا به سياسي پارٽي موجوده بحرانن ۾ اڳواڻي ڪرڻ لاء تيار ناهي ڄاڻي ٻجھي سياسي پارٽين کي فڪري طور پٺ تي رکيو ويو آھي ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته دنيا تيزي سان ترقي ڪري پئي ۽ انساني شعور جيڪي مرحلا طئي ڪيا آهن ان سان عام ماڻهو لاء آسانيون پيدا ٿين ھا پر ائين ٿي نه سگھيو آهي ان جو جواب ڪامريڊ س ب کوسو جي جدوجھد ۽ فڪري ڦلھور مان ملي ٿو مھانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي ماڻهو فاڪاڪشي تي مجبور آهن پر حڪمران طبقن جي آرائش تي پيسا لٽايا وڃن ٿا پيا مک مھمان اڳوڻو ڪميونسٽ اڳواڻ رحيم بخش جعفري جو چوڻ ھو ته س ب کوسو بنيادي طور تي اديب ھو ۽ اديب ھميشا حساس ھوندا آهن ڪو به حساس ماڻهو موجود حالتن ۾ رھي نٿو سگھي س ب کوسو سياسي توڙي ادبي حوالي سان ھڪ وڏو نالو ھو اعزازي مھمان انتظار ڇلگري چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ کانپوء شھر ۾ سياسي مناظرن جو رواج پيو مقامي سياست کان وٺي عالمي سياست بحث ھيٺ ھوندي ھئي ان کان علاوه ٻيا ننڍا وڏا ادبي ۽ ساسي پروگرام ٿيندا ھئا انھن سڀني جو پويان فتاح عابد س ب کوسو ۽ محمد بخش سومرو جو تمام وڏو ھٿ ھو ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اخترزمان شاهه جو چوڻ ھو سڪندر بختيار گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو سماج لاء سندس ڪيل ادبي سياسي سماجي توڙي صحافتي خدمتون ڪنهن کان لڪل ڪو نه آهن عباس سارنگ جو چوڻ ھو ته سڪندر بختيار جي فن ۽ فڪر کي سمجھڻ جي ضرورت آهي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ محمد نواز کوسو چيو ته سڪندر بختيار سياسي سماجي ادبي توڙي صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملھايو وڏيرڪي ماحول ۾ رھندي به وڏيرڪو اثر نه قبوليائين نيشنل پارٽي صحبت پور جي اڳواڻ محمد رفيق کوسو چيو ته سڪندر بختيار سنڌ ۽ بلوچستان جو تمام وڏو نالو ھو ڪنهن دور ۾ امين خان کوسو ۽ ڪامريڊ برڪت آزاد وڏو نالو ڪمايو سڪندر بختيار جو ڳاڻيٽو به انهن ۾ ڪري سگهجي ٿو پر افسوس آهي ته سندس قافلو وڌي نه ٿو پ ٽ الف جيڪب آباد جي اڳواڻ محمد عالم کوسو جو چوڻ ھو ته سڪندر بختيار فرد نه ادارو ھو جو ھن نئين نسل جي ادبي توڙي سياسي تربيت ڪئي جاگرتا فورم سکر جي فيض سومرو جو چوڻ ھو ته س ب کوسو 80 جي ڏھاڪي ۾ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت لاء ايندو ھو ان سان گڏوگڏ نظير عباسي جي ياد ۾ ڪرايل پروگرامن ۾ پابندي سان شرڪت ڪندو ھو ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ مالڪ کوسو چيو ته 80 وارو ڏھاڪو س ب کوسو جي فڪر جي آبياري جو دور ھو ان وقتن ۾ محمد بخش جي سومرو ۽ س ب کوسو نبي بخش کوسو سان ملڻ ايندا ھئا عاجز شھزاد مقالو محمد علي بيوس ۽ محمد ھاشم ساغر شاعري ميرمنور ٽالپر عبدالحق آزاد مھر ۽ نديم بھراڻي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آخر ۾ ڪـنھن سرڪاري اداري کي س ب کوسو جي نالي سان منصوب ڪيو وڃي ۽ گدائي لائبريري کي بحال ڪيو وڃي جو قراردادون گڏيل راء جو منظور ڪيون ويون

اپنا تبصرہ بھیجیں