اي ايس پي سٽي عتيق الرحمان ميڪڻ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان جو مقصد ڏوهن جو خاتمو آهي ۽ ان جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائيون ڪيون آهن ۽ ميرٽ تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.


لاڙڪاڻو(۔ رپورٹ محمد عاشق پٹھان) اي ايس پي سٽي عتيق الرحمان ميڪڻ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان جو مقصد ڏوهن جو خاتمو آهي ۽ ان جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائيون ڪيون آهن ۽ ميرٽ تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس ڪجهه ئي ڏينهن اندر ٻن بلائينڊ مرڊر ڪيسن کي حل ڪري گرفتار ڪيون آهن ۽ روڪ رقم توڙي ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي، اڄ رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيل واقعو ڪارو ڪاري جو آهي جنهن ۾ هڪ عورت کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو ويو آهي جنهن جا وارث صدمي ۾ آهن ۽ معاملي جي جاچ پڻ هلندڙ آهي. هن چيو ته اڳ شهري واقعن بابت پوليس کي معلومات نه ڏيندا هئا جيڪو قانون موجب ڏوهه آهي پر لاڙڪاڻي ۾ ڪافي ڪيسن ۾ شهرين پوليس سان سهڪار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس کي اهم ڪاميابيون مليون آهن. هن چيو ته پوليس ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جو پتو لڳائڻ لاءِ تلاش ايپ جي ذريعي روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جنهن ايپليڪيشن جي پوري ڊويزن ۾ ضرورت آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي مان موٽر سائيڪلون ڦر يا چوري ڪرڻ بابت هفتيوار رپورٽ ٺاهيندا آهيون ۽ حڪمت عملي سان موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون پيون وڃن. هن چيو آءِ جي سنڌ طرفان منشيات فروشن جي لسٽ ملي جن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي ۽ هڪ مک منشيات فروش هٿ نه اچي سگهيو آهي جنهن کي به گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته آئون پهريان اسسٽنٽ ڪمشنر هيس اي ايس پي پهرين پوسٽنگ ٽٺو ۽ بعد ۾ شڪارپور کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ پوسٽنگ ٿي جتي مون کي 3 مهينا ٿي ويا آهن هتي لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا جو ڪردار تمام مثبت رهيو آهي ۽ هتان جا صحافي آزادي اظهار تي يقين رکن ٿا.
====================

اپنا تبصرہ بھیجیں