)سيڪريٽري ڊي آر ٽي اي (DRTA) ٺٽو ميڊم فخر النساء لاکير پاران عيد جي موقعي تي مسافر وينن ۽ بسن ڪنڊيڪٽرن پاران مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري ڪندي 55 ھزار روپيہ ڏنڊ وجھي مختلف مسافرن کان ورتل 77 ھزار روپيہ ڊبل ڪرايا بہ مسافرن کي واپس ڪرائي ڇڏيا،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)سيڪريٽري ڊي آر ٽي اي (DRTA) ٺٽو ميڊم فخر النساء لاکير پاران عيد جي موقعي تي مسافر وينن ۽ بسن ڪنڊيڪٽرن پاران مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري ڪندي 55 ھزار روپيہ ڏنڊ وجھي مختلف مسافرن کان ورتل 77 ھزار روپيہ ڊبل ڪرايا بہ مسافرن کي واپس ڪرائي ڇڏيا، ان سلسلي ۾ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي سيڪريٽري ڊي آر ٽي اي (DRTA) ميڊم فخر النساء پاران ڌاٻيجي، گهارو، گجو، وين اسٽاپ ٺٽو ۽ سجاول مين قومي شاهراھ تي گاڏين کي روڪي مسافرن کان عيد جي مد ۾ ورتل ڊبل ڪرايو مسافرن کي واپس ڪرائي مختلف مسافر گاڏين تي 55 هزار روپيہ ڏنڊ وجھي 77 ھزار روپيہ وڌيڪ ورتل ڪرايو بہ واپس مسافرن کي ڪرائي ڇڏيو، صحافين سان ڳالھائيندي ميڊم فخر النساء لاکير چيو تہ عيد کان ھڪ هفتو پهرين کان ئي هن وقت تائين آئون مختلف روڊن تي ڪاروايون ڪري رهي آھيان، ٽرانسپورٽرن جو مسافرن سان زيادتيون ڪنهن صورت ۾ برداشت نه

ڪنديس، ڇاڪاڻ ته گاڏي تي مقرر ٿيل ڪنڊيڪٽرن پاران مسافرن سان بدتميزي ڪري عيد جو جواز ڄاڻائي مسافرن کان ڊبل ڪرايو وصول ڪيو وڃي ٿو، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، پر منهنجي هوندي اھا مسافرن سان ناانصافي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، ان موقعي تي مختلف گاڏين ۾ سوار مسافرن شفقت شاھ بخاري، اسماعيل شاھ، فوجي اسحاق خاصخيلي، راشد شاھ ۽ ٻين ميڊم فخر انساء جو ٿورو مڃيدي چيو ته ٺٽو کان حيدرآباد ويندڙ وين اسٽاپ تي وينن جي ڪنديڪٽرن پاران کانئن عيد بھاني ڊبل ڪرايو ورتو ويو آھي، جنهن جي شڪايتن جو ميڊم مخرالنساء صاحبه فوري طور نوٽيس وٺندي اڏي مالڪان کي هدايتون جاري ڪندي وارنينگ ڏني تہ جيڪڏهن مسافرن سان ڪرائي توڙي بئي ڪنهن به قسم جي بداخلاقي ڪئي ويئي تہ انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف مسافرن ميڊم جي اهڙي ڪاروائي کي ساراهيندي چيو ته اسان تمام دلي خوشي ٿي ته اسان جي سنڌ جي مختلف شعبن ۾ وڏين وڏين پوسٽن تي عورتن کي آفيسر هجڻ گهرجي چاهي اهي ڪورٽون هجن يا پوليس اسٽيشن. ھنن چيو تہ عورتون ئي ھن سماج ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهن ٿيون.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں