27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي بلديات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو بيان

ڪراچي (27 ڊسمبر 2019): سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جمهوريت لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. هن چيو ته عوام ۽ تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن بي مثال قربانين سان هن ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پوکيو ۽ پوءِ ان کي پاليو. پنهنجي بيان ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پنهنجي سياسي جدوجهد ۽ جمهوري ويزن سان ملڪ ۾ معاشرتي ۽ سياسي استحڪام پيدا ڪيو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ وگڏ عوام محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ ويزن مان وڌيڪ فائديمند ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جو ڏينهن جمهوريت لاءِ عظيم قرباني جو به ڏينهن آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس بهادر ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ مان ظالماڻي آمريت جو خاتمو ڪيو. هن چيو ته اسان جي بهادر ليڊر ڏکئي وقت ۾ قوم جو حوصلو ڏنو. ۽ ان کي آمريت جي ذلت آميز اونداهين مان ڪڍي جمهوريت جي روشنيءَ ۾ آندو. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان ڀٽو، بي بي ۽ جمهوريت جا پيروڪار آهيون ۽ اسان جي اڳواڻن اسان کي آمريت ۽ جمهوريت ۾ فرق سمجهايو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان هن ملڪ ۾ آزاد ۽ مضبوط جمهوريت قائم ڪنداسين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسان شهيد بي بي کي سندس 15هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ عهد ڪريون ٿا ته سندس جمهوري اصولن کي هميشه قائم رکنداسين، پاڪستان کي بچائڻ جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين ۽ پاڪستان بچائيندا سين.
===================================

اپنا تبصرہ بھیجیں