سنڌ حڪومت دٻيل طبقن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي مدد لاءِ شاندار قانون سازي لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهيي: محمد احمد شاهه


اطلاعات ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه ” ڊوميسٽيڪ چائلڊ ليبر ان پاڪستان “ تي منعقد ڪيل ڪانفرنس کي خطاب

(ڪراچي – 10 ڊسمبر 2023) سنڌ جي اطلاعات ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير محمد احمد شاهه اڄ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ” Domestic Child labor In Pakistan “ جي عنوان تي منعقد ڪيل گول ميز ڪانفرنس ۽ چيئرپرسن هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ اقبال احمد ڏيٿو جي انگريزي مطالعاتي تصنيف ” ڊوميسٽيڪ چائلڊ ليبر ان پاڪستان “ جي تقريب رونمائي سان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ليبر ۽ ٽريڊ يونين قانون تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ اسان جي سول سوسائٽي ۽ هر پڙهيل لکيل فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان وٽ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن هڪ اهي جيڪي دٻيل آهن ۽ ٻيا اهي جن کي دٻائي رکيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت دٻيل طبقن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي مدد لاءِ شاندار قانون سازي لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهيي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي واري نگران وزير محمد احمد شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ دوران جيترا به اسڪول تباهه ٿيا هئا انهن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت پاران فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ڪراچي ۾ جرمني جي ڪائونسل جنرل Dr. Ruediger Lotz ، سينيٽر تاج حيدر ، سنڌ هيومن رائيٽس جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو، سنڌ جي ليبر کاتي وارو سيڪريٽري شارڪ احمد، ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ پوليس فيض الله ڪوريجو، آءِ ايل او ( ILO ) پاڪستان جو صغير بخاري، يونيسيف جي مهوش، محترمه ردا طاهر، حبيب الدين جنيدي، عبدالله دايو ۽ FRIEDRICH-EBERT( STIFTUNG) ، FES PAKISTAN جي ڪنٽري ڊائريڪٽر Dr. NEILS HEGHWISCH پڻ خطاب ڪيو. مقررين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته محض آءِ ايل او جي ڪنويشنس تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ ان جي تعميل ۾ قانون سازي ڪرڻ سان چائلڊ ليبر کي ختم ڪرڻ مشڪل آهي. چائلڊ ليبر کي ختم ڪرڻ لاءِ غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. مقررين چيو ته مزدور چاهي اهو گهر ۾ ڪم ڪندڙ هجي يا ڪارخاني ۾ هن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر بين الاقوامي ڪنوينشن موجب 18 سال هجڻ گهرجي. تقريب جي پهرئين سيشن ۾ سياسي جماعتن جي نمائندن سان گڏ ليبر مينيفيسٽو تي گول ميز ڪانفرنس به منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ محنت ڪشن جي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي ۽ مقالمي ۾ حصو ورتو. تقريب جو اهتمام سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ايف اي ايس پاڪستان ” FES PAKISTAN “ جي سهڪار سان ڪيو هو.

هينڊ آئوٽ نمبر….. 2046 ايس اي ايم ڊي
========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں