يوسي چليا تان ڪامياب ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر، آل جاکرا ايسوسيئشن جي مرڪزي چيئرمين وڏيرو رسول بخش جاکرو پريس ڪلب مڪلي پھچي پارٽي اڳواڻن ۽ تڪ جي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آھي تہ مٿس جيڪو پارٽي جي قيادت ۽ تڪ جي عوام اعتماد ڪري ذميواري سونپي آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) يوسي چليا تان ڪامياب ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر، آل جاکرا ايسوسيئشن جي مرڪزي چيئرمين وڏيرو رسول بخش جاکرو پريس ڪلب مڪلي پھچي پارٽي اڳواڻن ۽ تڪ جي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آھي تہ مٿس جيڪو پارٽي جي قيادت ۽ تڪ جي عوام اعتماد ڪري ذميواري سونپي آھي، ان کي بھتر طريقي سان ادا ڪري تڪ جي عوام جا مسئلا اڳ کان بہ وڌيڪ حل ڪرائي سندن بنا فرق جي خدمت واري عمل کي جاري رکندو، وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو تہ سنڌ اندر بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي 16 ضلعن ۾ پ پ پ جي اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آھي. ھن چيو تہ پ پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل اھي، وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو تہ کين بہ جيڪا ذميواري سونپي ويئي اھي، ان کي بھتر طريقي سان نڀائي عوام جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪنداسين. ان موقعي تي پريس ڪلب مڪلي جي صحافين پاران يوسي چليا تان ڪامياب ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر، آل جاکرا ايسوسيئشن جي مرڪزي چيئرمين وڏيرو رسول بخش جاکرو کي پريس ڪلب مڪلي پھچڻ تي کيس سندس ڪاميابي تي مبارڪون ڏيئي کيس اجرڪن جا تُحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي پريس ڪلب مڪلي جو صدر احمد خان خشڪ، اڪبر دلواڻي، سيد گل شاھ، محمد ايوب ملاح، ايم ايڇ ڪنڀار، سجاد علي، شھمير قريشي، واحد شورو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، عبدالجبار سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
===============

اپنا تبصرہ بھیجیں