مائٽ سمجهن ٿا ته مان شعيب ملڪ جي زال آهيان: عائشا عمر


لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر جو چوڻ آهي ته اڄ به سندس ڪجهه مائٽ ماضي جي افواهن کي سچ سمجهندا آهن

عائشا عمر سينيئر اداڪارا عفت عمر جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، سندس وڊيو ڪلپ ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي ادڪارا ثناءَ جاويد سان شادي جي اعلان کانپوءِ سامهون آئي آهي

عائشا عمر سوشل ميڊيا جي ناڪاري پاسن تي ڳالهائيندي چيو ته هن سان گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي، پهريان ڊڄي ويندي هيس پر هاڻ ائين نه آهي، سوشل ميڊيا تي منهنجي ذاتي تصويرون گردش ڪنديون رهيون، ڪيئي افواهه پکڙجي چڪا آهن، ماڻهن ته شعيب ملڪ سان منهنجي شادي به ڪرائي ڇڏي هئي

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خاندان جي ڪجهه ماڻهو اڄ به سمجهندا آهن ته ماضي جا افواهه سچ هئا ۽ منهنجي شعيب ملڪ سان شادي ٿي چڪي آهي، جيڪي ماڻهو مون کي ڄاڻن ٿا کين منهنجي چونڊ، اصولن بابت ڄاڻ آهي

ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي عائشا عمر ۽ شعيب ملڪ جو رومانوي فوٽو شوٽ وائرل ٿيو هو جنهن کانپوءِ اڳڪيٿون شروع ٿي ويون هيون ته ٻئي لاڳاپن ۾ آهن، جنهن بعد اداڪارا پاران ان سموري معاملي جي ترديد ڪئي هئي

TAGStaza_tareenshowbiz

پاڪستان ۽ پاڪستانين لاءِ منهنجي محبت انمول آهي
هر پاڪستاني جي مهرباني جنهن مون کي ڪڏهن به اهو احساس نه ڪرايو ته مان ٻاهران آيو آهيان
هر ان ماءُ جي مهرباني جنهن مونکي پاڪستان جي ڌيءَ نه پر هڪ ڌيءَ جي حيثيت ۾ قبول ڪيو.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں