3 ڏينھن اڳ جيلاني ھائوس مڪلي تي مقرر پوليس اھلڪار بيدردي سان قتل، سندس لاش قبرستان ڀرسان پاڻي مان مليو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) 3 ڏينھن اڳ جيلاني ھائوس مڪلي تي مقرر پوليس اھلڪار بيدردي سان قتل، سندس لاش قبرستان ڀرسان پاڻي مان مليو، لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مڪلي منتقل، تفصيل موجب 3 ڏينھن اڳ پوليس اسٽيشن ڪينجھر کان بدلي ڪري پوليس اسٽيشن مڪلي تي مقرر ٿيل ڪينجھر ڍنڍ کنڀو مياڻ ڳوٺ عبدالله گندرو جو رھواسي پوليس اھلڪار امجد گندرو جيلاني ھائوس مڪلي تي ڊيوٽي دوران گذريل رات دير سان کيس بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪري سندس لاش قبرستان ڀرسان پاڻي جي کڏي ۾ اڇلايو ويو، جتان سندس سرڪاري رائيفل پڻ پوليس کي ھٿ آئي آهي، اطلاع ملڻ تي مڪلي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، کيس ظاھري طور تي 3 گوليون لڳل ھيون، جن مان 2 گوليون پويان ۽ ھڪ سامھون لڳل آھي، جيڪا آر پار ٿي ويئي آھي، گوليون لڳڻ ڪري سندس تنگ بہ ٽٽي وڃڻ سان گڏ ساڄي پاسي گولين لڳڻ واري ھنڌ وٽان ڌڪن جا نشان بہ ظاھر آھن، مڪلي پوليس موجب وارثن اچڻ بعد ڪيس داخل ڪرايو ويندو، مڪلي پوليس موجب کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، جنھن جي جانچ کي پڻ وڌايو ويو آهي ، جلد قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. اطلاع ملڻ تي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد مھتاب شاھ شيرازي، ڊاڪٽر دائود ھيلايو، محمد صديق گندرو، حاجي سومار گندرو محمد يوسف ماڇي سميت گندرا برادري جا وڏي تعداد ۾ ماڻھون پھچي ويا، ٻئي طرف مقتولہ پوليس اھلڪار امجد گندرو جي وارثن موجب سندس ڪنھن سان بہ ڪا دشمني نہ ھئي، سندن نوجوان پوليس اھلڪار جي 3 ڏينھن اڳ ڪينجھر کان مڪلي ٿاڻي تي بدلي ٿي ھئي، جنھن کي جيلاني ھائوس مڪلي تي مقرر ڪيو ويو ھو، ھنن چيو تہ ظالمن ساڻن وڏو ظلم ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ سندن نوجوان پوليس اھلڪار جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف شھيد امجد گندرو جو لاش SSP ٺٽو جي حڪم تي پوليس لائين مڪلي پھچائي غسل ڏيڻ بعد کيس سلامي ڏيئي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، شھيد جي وارثن گھر ڪئي آھي تہ سندن نوجوان پوليس اھلڪار امجد گندرو کي شھيد قرار ڏيئي سندس وارثن کي سموريون مراعتون ڏنيون وڃن.
=======================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڪجھ ڏينھن اڳ ساڪرو ڀرسان نيازي فارم وٽ ويٺل آمڙن جي ڳوٺ ۾ ڪکاون گھرن کي اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 17 پورھيتن جا گھر ۽ گھرن ۾ رکيل سمورو سامان، گھرن اڳيان بيٺل چوپايو مال پڻ باھ ۾ سڙي رک ٿي ويو ھو، جيڪي ھن وقت کليل اسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل ھجڻ بعد اطلاع ملڻ تي پاڪستان حلال احمر ٺٽو جي اڳواڻ حاجي محمد حنيف ميمڻ پاران باھ متاثرين وٽ پھچي کين ضرورت جو سامان، رڌ پچا جا ٿائون، ڪمبل، مڇردانيون، ٽينٽ، معصوم ٻارن کي سردي کان بچڻ لاءِ جيڪيٽ ۽ ٻيون ڪافي ضرورت جون شيون ڏنيون، جنھن تي ڳوٺاڻن پاران پاڪستان حلال احمر ۽ حاجي محمد حنيف ميمڻ جو شڪريو ادا ڪيو ويو. پاڪستان حلال احمر ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ محمد حنيف ميمڻ چيو تہ ھر ماڻھون کي گھرجي تہ ضرورت مند ماڻھن جي وس آھر مدد ڪن، ھن چيو تہ اسانکي غريب ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سڪون ملي تو، ھن چيو تہ باھ متاثرين جي وس آھر مدد ڪئي ويئي آھي ۽ اڃان بہ کين اڪيلو نہ ڇڏينداسين، سندن اڃان بہ ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں