استادن کي پريشان ڪرڻ سان نه پر اسڪولن ۾ ضروري سھوليتون ۽ اسٽاف مھيا ڪرڻ سان ئي معياري ۽ بھتر تعليم حاصل ڪرڻ وارو خواب ساڀيان جو روپ اختيار ڪندو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) استادن کي پريشان ڪرڻ سان نه پر اسڪولن ۾ ضروري سھوليتون ۽ اسٽاف مھيا ڪرڻ سان ئي معياري ۽ بھتر تعليم حاصل ڪرڻ وارو خواب ساڀيان جو روپ اختيار ڪندو، سنڌي محمد علي خٽڪ تعليم جي بھتريء لاء پنھنجو ڪردار ايمانداريءَ سان ادا ڪري رھيو آھي، اھڙيون ڳالھيون سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو گھاري شھر جي پسمانده علائقي عبدالستار شيخ ڳوٺ ۾ نيشنل الفلاح ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ٺٽي ضلعي جي بھترين تعليمي رضا ڪار سنڌي محمد علي خٽڪ جي 42 ھين سالگرھ ملھائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. ھن چيو ته اھو ڪڙو سچ آھي ته سنڌ جي تعليمي صورتحال ڏاڍي پريشان ڪندڙ آهي پر ان کان به وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي خطره لاحق آھن ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي انتظامي نااهلي جي ڪري مختلف ملڪن ء علائقن جا ماڻھو سنڌ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ اچي رھيا آھن، جيڪا سنڌ جي وجود، روايتن ڪلچر ۽ معيشت لاء بھتر ناھي، ان موقعي تي شريڪ سمورن ساڃاھ وندن محمد علي خٽڪ سان گڏجي ڳوٺ عبدالستار شيخ ۾ پرائمري اسڪول جو افتتاح پڻ ڪيو ،تقريب کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو چيو ته محمد علي خٽڪ پنھنجي جوھر ۾ تمام وڏو جاکوڙي انسان آھي جيڪو رڳو تعليم جي بھتريء لاء نه پر مسڪين ۽ لاچار ماڻھن جي سھائتا لاء به جاکوڙي رهيو آهي، ٺٽي جي نامياري سياسي سماجي شخصيت محمد حنيف ميمڻ چيو ته محمد علي خٽڪ پرخلوص ۽ مڻيادار انسان آھي، جيڪو ٺٽي جو ايڌي آھي، ھن جون تعليم جي بھتريء ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيل خدمتون تمام شاندار آھن ،ٺٽي ضلع جي نامياري سياسي سماجي ۽ صحافتي شخصيت جاويد لطيف ميمڻ پنھنجي ويچارن ۾ چيو ته محمد علي خٽڪ ايماندار ء محبتي انسان آھي، جيڪو ھميشه ھر ڪنھن کي بنا ڪنھن فرق محبتون ڏيندڙ آھي، سندس تعليم جي بھتري لاء سندس ڪيل خدمتون تمام اتساھ ڏياريندڙ آھي، گھارو شھر ۾ تعليم جون ڏياٽيون ٻارڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ رياض احمد جوکيو ء وسيم ترين پڻ پنھنجي ويچارن ۾ محمد علي خٽڪ جي ڪيل تعليمي ۽ سماجي خدمتن تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي پروگرام جي مھمان خاص تعليمي رضا ڪار ۽ سماج سڌارڪ سنڌي محمد علي خٽڪ چيو ته سنڌ منھنجي ماء آھي ء سنڌي منھنجا ڀائر آھن، جيڪو سنڌ جو کائي ان سان نمڪ حرامي ڪري ٿو اھو بيڪار ترين انسان آھي، ھن چيو ته اڄ جيڪا دوستن عزت ء محبت ڏني آهي اھا ھميشه دل ۾ رھندي، انشاءالله تعليم جي بھتريء ۽ انسان ذات جي بھتريء لاء اڃان به وڌيڪ خدمت ڪندس، پروگرام جي ميزبان محمد علي شيخ چيو ته اھا اسان جي اداري جي خوش قسمتي آهي جو اڄ اسان محمد علي خٽڪ جھڙي اعليٰ درجي جي کاھوڙي انسان جي سالگرھ پيا ملھايون، ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته اڄ ھن ڳوٺ ۾ سندس ئي ھٿن سان پرائمري اسڪول جو بنياد رکي رھيا آھيون، تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي تعليمي شخصيتن ڊاڪٽر خرم افضل آرائين، منير احمد آرائين، حماد اشرف، حنيف ھولاڻي، محمد آدم ملاح، سيد اقبال شاه، حمزو ناھيون، راجا، محمود، فيض محمد ٿهيم، سميع الله با ٻرڙو، شهريار خان خٽڪ، محمد مراد ناھيو، محمد علي شيخ، ابراھيم کٽي، محمد سومار شيخ سميت تعليم جي پياس اجھائڻ جي آس کڻي ايندڙ معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں