سنڌ حڪومت 75 لا آفيسرز جي فوج ڀرتي ڪري رکي آهي: چيف جسٽس


چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سنڌ حڪومت 75 لا آفيسرز جي فوج ڀرتي ڪري رکي آهي، ججز ۽ سرڪاري آفيسرن جي پگهار ۽ پينشن مظلوم عوام جي کيسي مان ادا ڪئي وڃي ٿي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻيلي کاتي سنڌ ۾ 7 آفيسرز جي ڀرتين بابت ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڀرتين جي لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت ڪهڙي قانون تحت ڪئي وئي آهي؟

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻيلي کاتي ۾ سترهين گريڊ جي 7 آفيسرز جي مقرري بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت ۽ متاثر آفيسرز جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

چيف سيڪريٽري سنڌ جي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شرڪت، عدالت چيف سيڪريٽري جو جواب رد ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري کي 15 ڏينهن ۾ ٻيهر لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

چيف جسٽس چيف سيڪريٽري سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو جواب مايوس ڪندڙ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي ۾ مقررين دوران متاثر ٿيندڙ آفيسرز کي رليف ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو

سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، متاثر ٿيندڙ آفيسرز پاران به سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں