وفاقي وزير شازيه عطا مري جو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي وڊيو پيغام


ڪراچي 26 ڊسمبر 2022: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري ان عزم جو اظهار ڪندا آهيون ته شھيد بي بي جيڪي جمهوريت جي بالادستي لاءِ قربانيون ڏنيون هنيون اهو مشن اڃا پورو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته 27 ڊسمبر 2022ع شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي طور پوري ملڪ ۾ ملھائي وڃي ۽27 ڊسمبر تي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هڪ اهڙو شخصيت جنهن پاڪستان ۾ جمهوريت، انساني حقن ۽ عوام جي معاشي حقن لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته هن عظيم شخصيت 27 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان اندر دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪندي قوم جي لاءِ وڏي قرباني ڏني ۽ پنهنجي جان جو نظراڻو پيش ڪيو جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن به ان ڏينهن شهيد ٿيا. پر اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي ان شهيد قائد جي مشن تي قائم ۽ دائم آهي. وفاقي وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان جڙيل آهي. اهڙو پروگرام جنهن جو هن پاڻ خواب ڏٺو هو. هوءَ چاهيندي هئي ته غريب گھراڻن جي ڪا اهڙي مدد ڪئي وڃي ته جنهن سان هو هن معاشري ۾ باعزت زندگي گذاري سگهن. هي پروگرام سندس شهادت کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ شروع ڪيو، جنهن تحت 8.5 ملين غريب خاندانن کي انڪم سپورٽ فراهم ڪئي ويندي آهي. وفاقي وزير شازيه مري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته 27 ڊسمبر تي اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪندا آهيون ۽ اچون ته پنهنجو پاڻ ۽ عوام کي ياد ڏياريندا آهيون ته بي بي شهيد جو مشن اڃا پورو ناهي ٿيو. اهو مشن جنهن ذريعي پاڪستان ترقي جي بلندين کي ڇهندو ۽ پاڪستان معاشي، سماجي ۽ معاشرتي طور مضبوط ٿيندو. ان مشن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائي رهيو آهي، اچو ته گڏجي ان ئي عزم کي ورجھايون ته پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻو آهي.
=======================


======================


============

==================

اپنا تبصرہ بھیجیں