آءِ جي موٽروي خالد محمود طرفان شروع ڪيل نو مور مهم جي سلسلي ۾ روڊ تي سفر ڪندڙن جي مدد ڪري انهن جي سفر کي اسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي سلطان خواجا ۽ ڊي آءِ جي جاويد علي مهر پاران ڏکڻ زون جي سمورن سيڪٽرز حيدرآباد، سڪرنڊ، سکر، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، ڪراچي ۽ حيدرآباد موٽر وي تي موڪلن جي ڏينهن خاص ڪري ڇنڇر ۽ آچر تي اضافي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن روڊ استعمال ڪندڙن جي مدد ڪئي وڃي.

لاڙڪاڻو( محمد عاشق پٹھان) آءِ جي موٽروي خالد محمود طرفان شروع ڪيل نو مور مهم جي سلسلي ۾ روڊ تي سفر ڪندڙن جي مدد ڪري انهن جي سفر کي اسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي سلطان خواجا ۽ ڊي آءِ جي جاويد علي مهر پاران ڏکڻ زون جي سمورن سيڪٽرز حيدرآباد، سڪرنڊ، سکر، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، ڪراچي ۽ حيدرآباد موٽر وي تي موڪلن جي ڏينهن خاص ڪري ڇنڇر ۽ آچر تي اضافي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن روڊ استعمال ڪندڙن جي مدد ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ انڊس هاءِ وي لاڙڪاڻو جي سيڪٽر ڪمانڊر عطا الرحمان جي نگراني ۾ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اسد الله ابڙو، ڊي ايس پي خالد نواز، ڊي ايس پي ديدار حسين، ڊي ايس پي عبدالصمد رتوديرو طرفان موٽروي پوليس سان گڏجي رتوديرو ۽ ميهڙ ٽول پلازه تي روڊ سيفٽي پروگرام ڪيا ويا. ان موقعي تي موٽر وي پوليس عملدارن جي عملدارن جو چوڻ هو ته موڪلن دوران اڪثر نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي تي گاڏين جي رش رهي ٿي، ان لاءِ نيشنل هاءِ وي تي موجود سمورن ٽول پلازا ۽ گائيڊنس سينٽرن تي موٽر وي پوليس جي وڌيڪ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي روڊن تي روڊ سيفٽي بريفنگ ڏئي رهيا آهن جن ۾ روڊ سيفٽي بابت پمفليٽ، بوڪليٽ، اسٽيڪر ڏنا پيا وڃن ان کان علاوه اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن جيئن ڊرائيورن ۽ مسافرن کي وڌ کان وڌ آگاهي ملي سگهي. ڊي آءِ جي موٽر وي پوليس چيو ته روڊن تي سفر کي آسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ موٽر وي پوليس جا اهلڪار 24 ڪلاڪ روڊن تي موجود آهن، ڊرائيور به موٽروي پوليس جو ساٿ ڏين ۽ گاڏين کي احتياط ۽ قانون موجب هلائين جيئن حادثن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري سگهجي.
===============

اپنا تبصرہ بھیجیں